ججز مقرري وارو مامرو، وزيراعظم ۽ صدر کي نوٽيس جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نون ججز جي مقرري بابت سمري منظوري نه ٿيڻ واري تڪرار تي وزيراعظم ۽ صدر کي سيڪريٽرين ذريعي سڀاڻي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
صدر آصف علي زرداري طرفان سمري جي منظوري نه ڏيڻ خلاف داخل درخواست تي نوٽيس جاري ڪيا ويا.
عدالت قانون واري وزارت کي پڻ سڀاڻي لاءِ نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سڀاڻي تائين جواب طلب ڪندي سوال ڪيو آهي ته سمري ڪهڙي مرحلي تي رڪيل آهي؟
درخواستگذار لقمان ظفر طرفان زاهد آصف چوڌري ڪيس جي پيروي ڪئي.
ٻڌڻي دوران جسٽس ارباب محمد طاهر وفاقي حڪومت تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
جسٽس ارباب محمد طاهر ايڊيشنل اٽارني جنرل سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي حڪومت ڇا ڪري رهي آهي؟ اوهان جي ڪا دلچسپي ناهي؟ ائين لڳي ٿو ته وفاقي حڪومت کي ان معاملي ۾ ڪا دلچسپي ناهي ته ڇا ٿي رهيو آهي. اسان سوچيو هو ته وفاقي حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪندي، پر ائين نه ٿيو.
جسٽس ارباب محمد طاهر رمارڪس ڏنا ته سمري ڪهڙي مرحلي تي آهي؟ اوهان کي ڪجهه خبر آهي؟ اعليٰ عدليه جي ججز جي مقرري سان ڇا ٿي رهيو آهي؟ سنڌ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي ججز جي ڪنفرميشن به هئي، جنهن جي منظوري جڊيشل ڪميشن ڏني هئي، اها به روڪي وئي آهي.
هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ارباب محمد طاهر رمارڪس ڏنا ته سمري اهڙيءَ طرح رکي ويهي نٿو سگهجي، پهريان ته 15 ڏينهن به پورا نه ٿيا هئا، هاڻي ته 18 ڏينهن گذري چڪا آهن.
وڪيل زاهد آصف چوڌري دليل ڏنا ته آئين بلڪل واضح آهي ته وقت گذري وڃڻ کانپوءِ ڇا ٿيندو، صدر اهڙيءَ طرح سمري رکي نٿو سگهي.
ايڊيشنل اٽارني جنرل راشد حفيظ چيو ته صدر هاڻي ته سمري رد به نٿو ڪري سگهي.
جسٽس ارباب محمد طاهر رمارڪس ڏنا ته صدر جي اختيار وارو معاملو پوءِ ڏسنداسين، هن وقت وفاقي حڪومت ٻڌائي ته 15 ڏينهن گذرڻ کانپوءِ هن ڇا ڪيو آهي؟ اسان جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نون مقرر ٿيندڙ ججز جو معاملو ٽنگيل آهي.
عدالت وفاقي حڪومت کان سڀاڻي تائين جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like