لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 3 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏڻ لاءِ بابر اعظم جي قيادت ۾ هن وقت انگلينڊ ۾ موجود آهي.
سترنهن رڪني قومي اسڪواڊ ۾ اڳوڻو ٽيسٽ ڪپتان شان مسعود به شامل آهي، جيڪو آڱر ۾ فريڪچر سبب ويسٽ انڊيز خلاف پورٽ آف اسپين ٽيسٽ نه کيڏي سگهيو هو، جڏهن ته ٽيسٽ بيٽر سعود شڪيل به ٽيم جو حصو آهي.
پي سي بي جي ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس ۽ سليڪشن ڪميٽي جي ميمبر عاقب جاويد سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اهڙين خبرن ۾ ڪا به سچائي ناهي ته مڊل آرڊر بيٽر ڪامران غلام انگلينڊ وڃي رهيو آهي.
عاقب جاويد موجب ڪامران غلام کي انگليڊ موڪلڻ بابت ڪنهن به قسم جي غور هيٺ ناهي.
واضح رهي ته خيبرپختونخوا سان واسطو رکندڙ 30 ورهين جي يٽر ڪامران غلام پاڪستان طرفان 6 ٽيسٽ ۽ 11 ون ڊي ميچون کيڏي چڪو آهي.
هن آڪٽوبر 2024ع ۾ ملتان ۾ انگلينڊ خلاف پنهنجي پهرين ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ چوٿين نمبر تي بيٽنگ ڪندي 224 بالن تي 118 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي هئي.
ڪامران غلام 11 کان 18 آگسٽ تائين ملتان ۾ شيڊيول چئن ٽيمن واري ون ڊي ڪپ ۾ پاڪستان گولڊ جي ٽيم جو حصو آهي، جنهن جي قيادت ون ڊي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي ڪري رهيو آهي.