اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته حج کي مڪمل ڊجيٽلائيز ڪيو ويو آهي، جنهن تحت هاڻي پانڌيئڙا حج گهر ويٺي درخواستون جمع ڪرائي سگهندا.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سردار محمد يوسف چيو ته حج جي عمل کي مڪمل ڊجيٽل ڪرڻ جو مقصد حج پانڌيئڙن کي انتظار ۽ ڊگهي قطارن کان بچائڻ آهي.
هن ٻڌايو ته 4 لک رجسٽرڊ پانڌيئڙا گهر ويٺي درخواستون جمع ڪرائي سگهندا، جڏهن ته ادائيگي لاءِ پانڌيئڙن وٽ 3 آپشن موجود هوندا. حج جا خرچ ڪريڊٽ ڪارڊ يا پي ايس آءِ ڊي ذريعي جمع ڪرائي سگهجن ٿا، جڏهن ته چالان فارم پرنٽ ڪري روڪ رقم پڻ جمع ڪرائي سگهجي ٿي.
وفاقي وزير موجب، سرڪاري حج اسڪيم لاءِ هڪ لک 7 هزار 526 سيٽون مختص آهن، جڏهن ته پهرين قسط جي اوڳاڙي 17 آگسٽ کان شروع ڪئي ويندي ۽ حج خرچن جي ٻي قسط آڪٽوبر ۾ وصول ڪئي ويندي.
سردار محمد يوسف چيو ته درخواستون ”پهريان اچو، پهريان وٺو“ جي بنياد تي وصول ڪيون وينديون ۽ ڪوٽا مڪمل ٿيڻ سان ئي درخواستون وصول ڪرڻ جو عمل روڪيو ويندو.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته خانگي اسڪيم تحت حج تي ويندڙ پانڌيئڙا پڻ پاڪ حج ايپ ذريعي پرائيويٽ آپريٽر جي چونڊ ڪري سگهندا، جڏهن ته پانڌيئڙن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پرائيويٽ آپريٽر کي سڌي ريت روڪ رقم جمع نه ڪرائن.
You might also like