ڪراچي (ويب ڊيسڪ(صوبائي ڪاليج ايجوڪيشن کاتي سرڪاري ڪاليجن جي دورن دوران سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن کي اجرڪ، سنڌي ٽوپي، گلدستا، يادگاري شيلڊ، سووينيئر ۽ ٻين هر قسم جا تحفا پيش ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
ڪاليج ايجوڪيشن کاتي طرفان 6 آگسٽ 2026ع تي جاري ڪيل خط ۾ ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز سنڌ، ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظيرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي سمورن ريجنل ڊائريڪٽرن ۽ صوبي جي سرڪاري ڪاليجن جي پرنسپالن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن جي سرڪاري دورن دوران کيس ڪنهن به قسم جو تحفو پيش نه ڪيو وڃي.
خط ۾ خاص طور اجرڪ، سنڌي ٽوپي ۽ گلدستن جو ذڪر ڪندي چيو ويو آهي ته انهن کانسواءِ ڪا به يادگاري شيلڊ، سووينيئر يا ٻي يادگاري شيءِ پڻ سيڪريٽري کي پيش نه ڪئي وڃي.
کاتي سمورن ريجنل ڊائريڪٽرن ۽ ڪاليج پرنسپالن کي هدايت ڪئي آهي ته انهن حڪمن تي انهن جي روح ۽ مقصد موجب سختي سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.
خط ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته حڪمن تي عمل نه ڪرڻ واري معاملي کي سنجيدگي سان ورتو ويندو.