ڪاروباري هفتي جي پهرئين ئي ڏينهن سون سوين رپيا مهانگو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ سون جي اگهه ۾ اڄ به سوين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ ملڪ ۾ في تولو سون 8 سئو مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 57 هزار 336 رپين جو ٿي ويو .
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون به 685 رپيا واڌ کانپوءِ 3 لک 92 هزار 91 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 8 ڊالرن جي وڌا سان 4 هزار 349 ڊالر تي پهچي ويو آهي.

 

You might also like