اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ شڪست کي ڌانڌلي جي بيانئي سان لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
اسلام آباد ۾ امير مقام سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام لڳائيندڙن اڃا تائين ڪو به ثبوت پيش ناهي ڪيو.
هن اميد ظاهر ڪئي ته پيپلز پارٽي وارا اڄ ”اُبتي ڳڻپ کي سڌو“ ڪندا ۽ مسلم ليگ ن کي ڪاميابي تي واڌايون ڏيندا.
راڻا ثناءُ الله چيو ته ڌرڻا هڻندڙ آزاد ڪشمير جون چونڊون روڪڻ چاهين پيا، پر هو ائين نه ڪري سگهيا، اميد آهي ته ڌرڻا هڻندڙ قوتون هاڻي حقيقتن کي سمجهندي ڌرڻا ختم ڪنديون.
هن چيو ته حڪومت احتجاج ڪندڙن جي جائز مطالبن تي نظرثاني ڪندي، جڏهن ته هٿيار کڻندڙن ۽ دشمن جو ساٿ ڏيندڙن کي قانون کي منهن ڏيڻو پوندو.
راڻا ثناءُ الله دعويٰ ڪئي ته مسلم ليگ ن ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهي ۽ چونڊن جي ٽئين مرحلي کانپوءِ آزاد ڪشمير ۾ حڪومت سازي جو عمل شروع ٿي ويندو.
پيپلز پارٽي جو ٽئين مرحلي ۾ به ڌانڌلي جو الزام
ٻئي پاسي پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جي چونڊن جي ٽئين مرحلي ۾ به ڌانڌلي ۽ پولنگ دير سان شروع ٿيڻ جا الزام لڳائيندي اليڪشن ڪميشن کي شڪايتون ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر چيو آهي ته آر او آفيس کي ڪا به لکت ۾ شڪايت نه ملي آهي، جڏهن ته ڏند چڪ جا ڪجهه واقعا پيش آيا، جن تي ڪارروائي ڪئي وئي.
هن چيو ته جيڪڏهن ڪا شڪايت ملي ته ان فوري طور ڪارروائي ڪئي ويندي.
آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ٻن اڳوڻن وزيراعظمن سردار عتيق ۽ سردار تنوير الياس، جڏهن ته موجودا وزيراعظم فيصل راٺوڙ پڻ ميدان ۾ آهن.