يورپ ۾ ڪهر جي گرمي، درياهه سڪي ويا، نازي دور جا جنگي جهاز ظاهر

يورپ ۾ سخت گرمي ۽ شديد ڏڪار سبب درياهه ايترا سڪي ويا آهن، جو نازي دور ۾ ٻڏايل جنگي جهاز به ظاهر ٿيڻ لڳا آهن.

سخت ڏڪار سبب ڊينيوب درياهه جي پاڻيءَ جي سطح تاريخ جي گهٽ ترين سطح تي پهچي وئي آهي، جڏهن ته پاڻيءَ جي کوٽ سبب توانائي جو بحران پڻ وڌيڪ سنگين ٿي ويو آهي.

هٽلر جي بحري فوج جا اهي جنگي جهاز سوويت فوج جي اڳڀرائي روڪڻ لاءِ درياهه ۾ ٻوڙيا ويا هئا، جڏهن ته جهازن ۾ موجود ڌماڪيدار مواد سبب انهن کي هٽائڻ انتهائي ڏکيو بڻيل آهي.

You might also like