ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي جو لانگ مارچ بابت اهم اعلان

خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي لانگ مارچ جو مقصد پارٽي باني عمران خان جي آزادي نه، پر ساڻس ملاقات ۽ مٿس پهچ حاصل ڪرڻ آهي.

جيو نيوز جي پروگرام ”نئون پاڪستان“ کي خاص انٽرويو ڏيندي سهيل آفريدي چيو ته هو 27 سيپٽمبر تي ٿيندڙ لانگ مارچ جي پاڻ اڳواڻي ڪندو. هي رڳو هڪ ڏينهن جي سرگرمي نه هوندي، اسلام آباد پهچي واپس نه موٽنداسين.

خيبرپختونخوا جي وڏي وزير ٻڌايو ته لانگ مارچ جو اعلان پي ٽي آءِ ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي اڳواڻن سان صلاح مشوري کانپوءِ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عليمه خان پڻ ان تحريڪ ۾ ساٿ ڏيندي.

لانگ مارچ جي مقصد بابت ڳالهائيندي سهيل آفريدي چيو ته پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جو مقصد عمران خان جي آزادي نه، پر ساڻس رسائي حاصل ڪرڻ آهي، جڏهن ته عمران خان جي آزادي آئين ۽ قانون موجب ئي ٿيندي.

27 سيپٽمبر جي تاريخ ڏيڍ مهيني کانپوءِ رکڻ بابت سوال تي سهيل آفريدي چيو ته موسم ۽ تيارين لاءِ مناسب وقت ملڻ سبب لانگ مارچ لاءِ 27 سيپٽمبر جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي.

You might also like