نوجوان واپاري مير رضا علي جي ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل جاچ ٽيم کي هٽائڻ کانپوءِ نئين ٽيم جوڙي وئي آهي.
پوليس اختيارين موجب ايس ايس پي ايسٽ زبير نذير شيخ، ايس ايس پي ايس آءِ يو سميع الله سومرو ۽ ٻين آفيسرن کي جاچ تان هٽايو ويو آهي.
آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو ٻڌايو ته مير رضا ڪيس جي جاچ لاءِ 4 رڪني نئين ٽيم جوڙي وئي آهي، ڊي آءِ جي ڪرائم برانچ عامر فاروقي ٽيم جو سربراهه هوندو.
ايس ايس پي سي ٽي ڊي عرفان بهادر، ايس پي انويسٽيگيشن ڪورنگي قيس خان ۽ ايس پي انويسٽيگيشن سينٽرل انعم کي پڻ ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته شروعاتي طبي رپورٽ اچڻ کانپوءِ پراڻي ٽيم کي جاچ تان هٽايو ويو. هن چيو ته ڪيس جي شفاف نموني جاچ ڪرائي ويندي.
مير رضا علي جي والدين جاچ ٽيم تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو هو.
شروعاتي طبي رپورٽ موجب مير رضا علي جي جسم جي پٺئين پاسي گولي لڳڻ جو نشان ننڍو، جڏهن ته سامهون واري پاسي نشان وڏو آهي. ماهرن موجب ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته گولي پٺئين پاسي کان لڳي.
رپورٽ موجب مير رضا علي جون پاسراٽيون ٽٽي چڪيون هيون، جڏهن ته مٿي ۽ چهري تي زخمن جا ڪيترائي نشان موجود هئا. ساڄي ڄنگهه تي لڳ ڀڳ 12 سينٽي ميٽر ڊگهو ڀڃڪڙي وارو زخم پڻ مليو، جڏهن ته جسم جي هيٺئين حصي جي گوشت ۽ اوتڪ تي به رت جا داغ مليا.
اڄ حاصل ڪيل نمونن جي شروعاتي طبي رپورٽ، شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ کان بلڪل مختلف سامهون آئي آهي.
رپورٽ موجب مير رضا جي ڄاڙي ۾ گهري زخم ۽ هڏي ٽٽڻ جا نشان مليا، جڏهن ته نڪ جي هڏي ۽ چهري جي مختلف حصن تي پڻ زخمن جا نشان موجود هئا.