ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم گهڻو ڪري جهڙالو ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي شهر جي مختلف علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت بوندا باندي ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
اڄ ڪراچي ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 28 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
ڪراچي ۾ هوا ۾ گهم جي شرح 78 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ڏکڻ اولهه کان سامونڊي هوائون 11 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گُهلي رهيون آهن.
موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ گڏيل طور موسم جهڙالو ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته صبح ۽ رات جي وقت بوندا باندي ٿي سگهي ٿي.