ڪراچي(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف يومِ آزاديءَ جي موقعي تي بلوچي ٻوليءَ ۾ تيار ڪيل قومي گيت جي وڊيو شيئر ڪري ڇڏي.
وڊيو شيئر ڪندي وزيراعظم لکيو ته بلوچستان مان پيش ڪيل هن خوبصورت ۽ وطن سان محبت سان ڀرپور قومي گيت تي منهنجي دل فخر سان سرشار آهي.
وزيراعظم شاندار ڪوشش تي فنڪارن، گلوڪارن ۽ پروڊيوسرن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته قومي گيت ۾ وطن سان محبت جي جذبي ۽ روح کي انتهائي خوبصورتي سان اجاگر ڪيو ويو آهي.