تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته ڳالهين ۽ سفارتڪاري آمريڪا کي ايران سان مفاهمت اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي، جڏهن ته معاهدي تائين پهچڻ لاءِ هاڻوڪي صورتحال بهترين وقت آهي.
ايراني صدر پزشڪيان تهران ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تحت آمريڪا لاءِ ضروري هو ته هو ايران ۽ عمان طرفان گڏيل طور تي تيار ڪيل رهنمائي اصولن تي عمل ڪري، پر آمريڪا ائين نه ڪيو، جنهن تي ايران کي ردعمل ڏيڻو پيو.
مسعود پزشڪيان چيو ته اهڙي صورتحال ۾ عام طور تي هڪ ٽيم جي ضرورت هوندي آهي، جيڪا ڀڃڪڙين واري معاملي کي منهن ڏئي ۽ ان تي ڪم ڪري رهي آهي.
صدر پزشڪيان اميد ظاهر ڪئي ته ايران وقار ۽ فخر سان هن رستي تي اڳتي وڌندو. هن چيو ته ڳالهين ۽ سفارتڪاري آمريڪا کي ايران سان مفاهمت تي مجبور ڪيو آهي ۽ معاهدي تائين پهچڻ لاءِ هاڻوڪي صورتحال بهترين وقت آهي.
ان کانسواءِ ايران جي صدر آمريڪا کي ڏوهاري ۽ سامراجي حڪومت قرار ڏيندي چيو ته آمريڪا بابت ايران جو رويو تبديل نه ٿيو آهي.
هن قوم کي خبردار ڪيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل ڄاڻن ٿا ته رڳو جنگ ذريعي ايرانين کي حڪم مڃڻ تي مجبور نٿو ڪري سگهجي. ان ڪري اهي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ اندروني ورهاست، اختلاف ۽ تڪرارن کي هٿيار طور استعمال ڪري سگهن ٿا.
ايراني صدر چيو ته قومي اتحاد ۽ مزاحمت ئي ملڪ جي سلامتي ۽ دفاعي صلاحيتن جي تحفظ لاءِ ضروري آهن. هاڻوڪي صورتحال ۾ ايراني عوام کي ثابت قدمي ۽ مزاحمت جاري رکڻي پوندي.