تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته سڀني دٻائن باوجود ايران مزاحمت لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي. اسان پنهنجن شهيدن جي ناحق وهايل رت کي نه وسارينداسين ۽ نه ئي ان کي نظرانداز ٿيڻ ڏينداسين. اسان جي عظيم شهيدن جو رت وهائيندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو.
ايراني پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ سڌيون ڳالهيون نه ٿي رهيون، پر ٽياڪڙي ڪندڙن ذريعي پيغامن جي ڏي وٺ ٿي رهي آهي. تنهن هوندي به مفاهمتي يادداشت جون آمريڪا طرفان ڀڃڪڙيون جاري رهڻ تائين ايران ڳالهيون شروع نه ڪندو.
هن چيو ته ايران ۽ عمان وچ ۾ آبناءِ هرمز بابت معاهدو آخري مرحلن ۾ آهي. ايران ۽ عمان وچ ۾ معاهدي سان آبناءِ هرمز کي فوري طور نه کوليو ويندو.
هن ٻڌايو ته ايران ۽ عمان جي معاهدي تحت آبناءِ هرمز ۾ نيون سامونڊي گذرگاهون قائم ڪيون وينديون. اهي نوان گذرگاهه ان وقت استعمال ڪيا ويندا جڏهن آمريڪا ٻيا شرط پورا ڪندو ۽ آبناءِ هرمز ٻيهر کوليو ويندو.