تهران(ويب ڊيسڪ)ايران آبناءِ هرمز مڪمل طور کولڻ لاءِ آمريڪا آڏو 6 شرطون رکي ڇڏيون آهن.
ايران جي قومي سلامتي ڪائونسل جي سيڪريٽري ذوالقدر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ آبناءِ هرمز مڪمل طور کولڻ لاءِ آمريڪا آڏو 6 شرط پيش ڪيا ويا آهن.
قومي سلامتي ڪائونسل جي سيڪريٽري موجب ايران کي ڪنهن به وقت ۽ ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ڌمڪايو نه وڃي، قوم جي توهين نه ڪئي وڃي، ايران ۽ ان جي اتحادي ملڪن تي مڙهيل جنگ مستقل طور ختم ڪئي وڃي، ايران جي سامونڊي ناڪابندي ختم ڪئي وڃي ۽ آمريڪي فوجن کي ايران جي چوڌاري علائقن مان واپس هٽايو وڃي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايران کي پهچندڙ نقصانن جو بنا ڪنهن گهٽتائي جي مڪمل معاوضو ڏنو وڃي ۽ ايراني قوم تي لاڳو ڪيل ناانصافي ۽ غيرقانوني پابنديون ختم ڪيون وڃن. ان سان گڏ ايراني عوام جا بنا ڪنهن شرط جي ضبط ۽ منجمد ڪيل اثاثا آزاد ڪيا وڃن.
قومي سلامتي ڪائونسل جي سيڪريٽري چيو ته جيڪڏهن آمريڪا پنهنجو رويو تبديل نه ڪيو ته آبناءِ هرمز ٻيهر نه کوليو ويندو. جنگ هجي يا ڳالهيون، ايران پنهنجي ارادن تان پوئتي نه هٽندو.