نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته مڪو دفاعي معاهدو مڪمل طور بچاءَ واري نوعيت جو حامل آهي، ڪنهن به ملڪ خلاف ڪارروائي ڪرڻ مقصد ناهي، پر امن ۽ استحڪام کي مضبوط بڻائڻ مقصد آهي.
صحافين سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيءَ 7 آگسٽ تي مڪي دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون. اهو معاهدو ٽنهي ملڪن جي ڀائراڻن لاڳاپن جي عڪاسي آهي ۽ ڪيترن ئي سالن جي مشاورت ۽ رابطن جو نتيجو آهي.
اسحاق ڊار چيو ته معاهدي جو مقصد امن ۽ سلامتي کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي.
هن چيو ته معاهدو خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي هٿي ڏيندو. ڪنهن هڪ ملڪ تي حملو ٽنهي ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو، اهو اصول گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 سان هم آهنگ آهي.
نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن ۽ سهڪار جو خواهشمند آهي ۽ تڪرارن جي پرامن حل سان گڏ عوام جي محفوظ مستقبل لاءِ پرعزم آهي.