پشاور(ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان پيٽروليم شين جي اگهن واري معاملي تي هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي آڙ ۾ حڪومت پنهنجي ڪرپشن لڪائي رهي آهي، جڏهن ته هن 16 آگسٽ تي چئني صوبن ۾ ڌرڻا هڻڻ جو اعلان پڻ ڪيو.
پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته مڪي ۾ ٿيل دفاعي معاهدي جي آجيان ڪريون ٿا، اهو اسلامي دنيا جي ملڪن لاءِ اهم اڳڀرائي آهي. ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته ايران سميت ٻيا ملڪ به ان معاهدي ۾ شامل ٿين ۽ مڪي دفاعي معاهدي ذريعي هڪ طاقتور نيٽ ورڪ جوڙڻ گهرجي.
هن چيو ته خيبر پختونخوا ۾ امن امان قائم ڪرڻ حڪومتن جي ذميواري آهي، امن لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي. ٻاهريون سازشون اندروني حالتن سبب ڪامياب ٿينديون آهن.
حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي جماعت اسلامي جي امير چيو ته پيٽرول جي قيمت 225 رپيا هجڻ گهرجي، پر پيٽرول جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. جنگ ختم ٿيڻ باوجود پيٽرول جا اگهه گهٽ نه ڪيا ويا، جڏهن ته حڪومت پيٽروليم شين جي ليوي مان وڏي آمدني حاصل ڪئي آهي. پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي آڙ ۾ حڪومت پنهنجي ڪرپشن لڪائي رهي آهي.
هن چيو ته ايف بي آر جي عملي طرفان 1300 ارب رپين جي ڪرپشن ڪئي پئي وڃي، جن ماڻهن جي ڪا آمدني ئي ناهي، انهن کان به ٽيڪس ورتو پيو وڃي. هن ظلم خلاف سموريون سياسي جماعتون خاموش آهن.
حافظ نعيم الرحمان چيو ته جماعت اسلامي 7 آگسٽ تي تاريخي احتجاج ڪيو. اسان عوامي مسئلن لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهيون. اسان احتجاج طور سموريون وڏيون شاهراهون بند ڪيون، پر اسان جي احتجاج دوران هڪ ايمبولينس کي به نه روڪيو ويو.
حافظ نعيم الرحمان چيو ته بجلي پيدا ڪرڻ تي گهٽ پئسا خرچ ٿيا ۽ بجلي نه پيدا ڪرڻ تي وڌيڪ خرچ ٿيو آهي. هن وقت نااهلي ۽ ڪرپشن عروج تي آهي، آءِ پي پيز مافيا خلاف روڊن تي نڪرڻو پوندو ۽ عوام کي پنهنجن حقن لاءِ ٻاهر اچڻو پوندو.
هن اعلان ڪيو ته 16 آگسٽ تي چئني صوبن ۾ هڪ ئي وقت ڌرڻا هنيا ويندا. پنجاب ۾ وزيراعليٰ هائوس، جڏهن ته سنڌ ۽ خيبر پختونخوا ۾ گورنر هائوس سامهون ڌرڻو هنيو ويندو.
هن چيو ته سڄي دنيا ۾ احتجاج روڊن تي ئي ٿيندا آهن. حڪومت چوي ٿي ته روڊن تي احتجاج سان عوام پريشان ٿئي ٿي، پر احتجاج روڊن تي ئي ٿيندو آهي، گهر ۾ نه. عوام کان حڪمرانيءَ جو حق کسيو ويو آهي ۽ جڏهن عوام کان هر حق کسيو ويو آهي ته پوءِ عوام ميدان ۾ ئي ايندو. سمورين سياسي جماعتن کي چوان ٿو ته اسان جو ساٿ ڏين.
هڪ سوال جي جواب ۾ جماعت اسلامي جي امير چيو ته تحفظِ آئين تحريڪ سان رابطي ۾ آهيون. ماضي ۾ اتحادين جا ڪي خاص سٺا نتيجا نه نڪتا آهن. سياسي جماعتن کي پنهنجي سطح تي احتجاج ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته عوامي مسئلن تي سڀني کي ڳالهائڻ گهرجي. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) هڪ ٻئي تي جيڪي الزام لڳائي رهيا آهن، اهي درست ڳالهائي رهيا آهن.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي ’سسٽم جي ناڪامي‘ واري بيان بابت سوال تي حافظ نعيم الرحمان چيو ته ناڪاميءَ جو اعتراف ڪرڻ کانپوءِ نظام جو نئين سر جائزو وٺڻو پوندو. انتظامي يونٽن ۾ واڌ جو طريقيڪار آئين ۾ موجود آهي، آئين کان مٿانهين ڪا به شيءِ ڪرڻ سان شڪ ۽ شبها پيدا ٿيندا آهن.