بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، 15 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بيسڊ ڪارروايون ڪندي 15 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.

سيڪيورٽي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز مستونگ، بولان، واشڪ، آواران، سبي، خضدار، هرنائي ۽ نوشڪي ۾ ڪارروايون ڪيون.

ذريعن ٻڌايو ته ڪاررواين دوران 15 خارجي مارجي ويا، جڏهن ته وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو.

سيڪيورٽي ذريعن موجب فورسز جي ڪاررواين سبب دهشتگردن جي نيٽ ورڪ کي وڏو نقصان پهتو آهي.

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته 15 خارجن کي ماري سيڪيورٽي فورسز فتنه الهنودستان ۽ فتنه الخوارج جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائي ڇڏيا آهن.

محسن نقوي چيو ته دهشتگردي خلاف وڙهندڙ سيڪيورٽي فورسز جا بهادر جوان قوم جو فخر آهن. بلوچستان مان فتنه الهنودستان ۽ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو.

You might also like