73ع جو آئين ختم ٿيو ته سنڌ پنهنجي مستقبل جي فيصلي ۾ آزاد هوندي:سنڌ ايڪشن ڪميٽي

ڄامشورو(ڊ ر)سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو اهم اجلاس سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي قائم مقام صدر روشن علي ٻُرڙو جي صدارت هيٺ جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو تي ٿي گذريو جنهن ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو جنھن ۾ خصوصي طور تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ ڊي جي آئي ايس پي آر جي صوبن بابت بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ اهو واضح ڪيو ويو ته سنڌ 6 ڪروڙ سنڌين جو ناقابل تقسيم تاريخي وطن آهي جيڪو 1940 جي قرارداد تحت هن ملڪ ۾ خودمختيار رياست طور شامل ٿيو هو ۽ جنهن معاهدي تحت اها ضمانت ڏني وئي هئي ته صوبن جي وحدت، جاگرافيائي وحدت ۽ خود مختياري جو تحفظ ڪيو ويندو پر جيڪڏهن اڄ ملڪ جي مقتدر حلقن ۽ حڪمرانن پاران سنڌ جي وحدت تي وار ڪيو ويو ته ان جي خلاف سخت مزاحمت ڪئي ويندي ۽ اهو سمجهو ويندو ته عملي طور 1940 جي قرارداد ۽ 1973 جي آئين کي ختم ڪيو پيو وڃي جنهن کان پوءِ سنڌ پنهنجي سياسي مستقبل بابت فيصلو ڪرڻ ۾ آزاد هوندي،موجوده اجلاس ۾ ٿوري ئي وقت اندر 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن جي ذريعي عدالتن کي ڪمزور ڪري سياسي سرگرمين تي پابندي هڻي ميڊيا جي آواز کي دٻائي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي ۽ اڻ اعلانيل مارشلا لڳائي ڪشمير، پختون خواہ، بلوچستان ۾ سوين بيگناھ ماڻهن کي قتل ڪري سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪري خوف جو ماحول پيدا ڪيو ويو آهي .اجلاس ۾ اهو پڻ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ اسيمبلي هڪ دفعو ٻيهر هنگامي اجلاس سڏائي نون صوبن جي رينگٽ خلاف قرارداد پاس ڪرائي آرٽيڪل 140 تحت لوڪل گورنمينٽ کي ٿرڊ ٽيئر طور نافذ ڪري صوبن جي خودمختياري کي عملي طور تي ختم ڪرڻ جي خلاف آهيون اياز لطيف پليجو ۽ رياض چانڊيو کي اين سي سي آئي جو نوٽيس ڏئي سڏائڻ جهڙا ڪمزور حربا ڪنهن به صورت ۾ اسان کي پنهنجي مقصد تان هٽائي نٿا سگهن .اجلاس ۾ سنڌ جي وحدت جي تحفظ ۽ غير قانوني ڪئنالن ۽ سنڌ جي مالي خودمختياري تي ڌاڙي خلاف 22 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ عوامي احتجاج ڪيو ويندو اجلاس ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي،سيد مسرور شاھ، نواز خان زنئور،سيد لال شاھ،  مظهر راهوجو،سيد نواز شاھ ڀاڏائي،تاج مري،  بخشل ٿلهو، ڊاڪٽر بدر چنا، ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري، احمد نواز انقلابي، منير نائچ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

You might also like