رڳو صوبا ٺاهڻ سان ملڪ ٺيڪ نه ٿيندو:شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته جيڪڏهن اسان سڌارن جي ڳالهه ڪريون ٿا ته صرف صوبا ٺاهڻ سان ملڪ ٺيڪ نه ٿيندو، توهان کي نظام کي بدلڻو پوندو. اڄ 78 سالن کان پوءِ به اسان جي حڪومت کي اهو معلوم ناهي ته اسان کي اٽو ڪيئن خريدڻو آهي. هر سال هڪ نئون تجربو ٿيندو آهي. هن چيو ته  اڄ هاري   تباهه ٿي چڪو آهي، توهان کي ڪڻڪ درآمد ڪرڻي پئجي رهي آهي، اڄ اسان ڪڻڪ ۽اٽپ به ڊالرن ۾ کائي رهيا آهيون. اها اڄ اسان جي ملڪ جي حقيقت بڻجي چڪي آهي.پر اسان جي حڪمرانن کي ڪا پرواهه ناهي. انهن کي  جهاز خريدڻا آهن، گاڏيون خريدڻيون آهن، پنهنجون مراعات وڌائڻيون آهن، هن چيو ته  ملڪ ۾ ڪرپشن بدترين سطح تي آهي، ڪنهن کي احساس ناهي. توهان رڳوآءِ ايم ايف  جي رپورٽ ئي پڙهي وٺو ته ڪيترا سئو ارب ڊالر هن ملڪ ۾ چوري ٿيندا آهن، ڪرپشن جي نظر ٿيندا آهن، پر هتي ڪنهن کي پرواهه ناهي.

هن چيو ته اگر اسان اڄ سڌارن جي ڳالهه ڪريون ٿا ته انهن سڌارن جو اثر هن ملڪ جي اشرافيه تي ٿيندو. انهن سڌارن جو اثر سڀني کي برداشت ڪرڻو پوندو، سڀني جي حقيقت سامھون اچي ويندي. صرف ڳالهه صوبي جي ناهي، هن چيو ته ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني هئڻ گهرجي،هن ملڪ جي اشرافيه به تابع هجي، اسٽيبلشمينٽ به تابع هجي، جج به تابع هجي، سياستدان به تابع هجي پوءِ ملڪ هلندو. ڪنهن خام خياليءَ ۾ اسان کي نه رهڻ گهرجي. دنيا ۾ ڪو به ملڪ اهڙو ناهي جنهن ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني کان بغير ترقي ڪئي هجي. هن چيو ته  توهان پنهنجي عوام کي اڄ ڪاڪروچ چئي رهيا آهيو، سڀاڻي توهان انهن کي گندي ناليءَ جو ڪيڙو چوڻ شروع ڪري ڇڏيندؤ، اهي جيئندڙ جاڳندڙ انسان آهن، انهن کي جيڪي انهن جا حق آهن انسانن وارا، اهي انسانيت جي تحت انهن کي انسانن وارا حق ڏيو. انهن کي ڪاڪروچ، ڪوئا ۽ ڏيڏر بڻائڻ بند ڪريو، انهن کي انسان سمجھو!

You might also like