ڪامريڊ نذير عباسي ۽ جين زي

امداد قاضي

ڪامريڊ نذير عباسي جي شھادت کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ سخت مارشلا، اخبارن تي سخت سنسرشپ ھئي، پر ڪنھن طرح ھي خبر سڄي ملڪ ۾ باھ جيان پکڙجي وئي ته ظالمن ڪامريڊ نذير عباسي کي شھيد ڪري ڇڏيو آھي. اڄ جي جنريشن وانگر خاص طور تي 14 کان 29 سالن جي عمر وارن ۾ اھو نعرو گونجڻ لڳو ۽ عام ٿيو ته "نذير عباسي جو رستو اسان جو رستو”. يعني اھا مزاحمت ۽ اھو سوشلسٽ نظريو جنھن جي ڪري ڪامريڊ نذير کي شھيد ڪيو ويو، اھو منھنجو به نظريو آھي. مان به مزاحمتڪار آھيان ۽ اسان کي به ڪامريڊ نذير عباسي جيان شھادت قبول آھي.

جين زي ان نسل کي چيو ويندو آھي جن سوشل ميڊيا جي دور ۾ بلوغت يعني شعور حاصل ڪيو آھي. يعني اڄ جي دور ۾ جن جي عمر 14 کان 29 سالن جي اندر آھي، ان کي جين زي چيو ويندو آھي. ڪامريڊ نذير عباسي جي شھادت 27 سالن جي عمر ۾ ٿي ھئي. ھو سوشل ميڊيا جي دور جي پيداوار نه ھو پر سندس عمر جي حساب سان هو  جنريشن جي عمر ۾ اچي ٿو.

جين زي بابت چيو ويندو آھي ته اھا تمام گھڻي طاقتور آواز واري ۽ ڏينھن ۾ حڪومت کي لوڏي ڇڏڻ واري قوت آھي. پر بنيادي طور تي اھا "اينگري بواءِ” جي ڪردار وانگر آھي، جيڪا جلدي ڪاوڙ ۾ اچي سوشل ميڊيا استعمال ڪري الٽ پلٽ ڪري ڇڏيندي آھي. ان جا مثال اسان جي پاڙيسري ملڪن: سري لنڪا، نيپال، بنگلاديش ۽ تازو ڀارت ۾ موجود آھن، جتي ھڪ مضبوط ۽ انتهائي آمر حڪمرانن کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو اٿن. پر جين زي وٽ حڪومت بدلائڻ جي سوچ ۽ طاقت ته آھي پر نظام تبديل ڪرڻ انھن جي سوچ جو حصو ناھي.

ڀارت ۾ انھيءَ عمر وارن نوجوانن جيڪي "ڪاڪروچ جنتا پارٽي” جي پھلڪاري واري عمل ۾ داخل ٿي ان جو رخ تبديل ڪيو ۽ ان کي مسلسل مزاحمت ۽ رجعت پسند نظام جي خلاف عوامي بغاوت جي شڪل ڏيڻ جي ڪوشش رھي آھي ، اھي ڪميونسٽ پارٽين جون شاگرد تنظيمون آھن. انھن AISF, SFI ۽ AISA جھڙيون تنظيمون شامل آھن. ھن وقت جيڪا ڇوڪري مسلسل ۽ منظم مزاحمت جي علامتي شڪل اختيار ڪري وئي آھي اھا نيھا بوھا آھي. ان جو تعلق AISA يعني آل انڊيا اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن سان آھي جيڪا ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا مارڪسٽ ليننسٽ لبريشن جي شاگرد محاذ سان لاڳاپيل آھي. ھن پارٽي تي الزام آھي ته اھا نڪسلائيٽس جي ويجھو آھي. يعني ھاڻي هڪ پيپر جي ليڪ ٿيڻ ۽ تعليم جي وزير جي استعفا وٺڻ کانپوءِ نظام جي تبديلي جي تحريڪ ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڏسون کين ڪيتري ڪاميابي ٿئي ٿي.

ڪامريڊ نذير عباسي جي دور ۾ سوشل ميڊيا نه ھئي، پر ڪتابن جي ڀرپور دنيا ھئي، اسٽڊي سرڪل به فزيڪل ھوندا ھئا۔ انھن مان ئي ڪامريڊ عباسي ڪميونسٽ علم حاصل ڪيو۔ کيس خبر پئي ته روزمره جا مسئلا ۽ انسان جي زندگي جون مجبوريون، بي گھري، علاج کان محرومي ۽ بيروزگاري انھي نظام جي ڪري آھن۔ انھي نظام جي ڪري ھڪ طبقو بي انتھا دولت جو مالڪ آھي، انھي دولت جي آڌار تي طاقتور آھي ۽ اھو ئي سياست ذريعي عوام جي دولت تي قبضو ڪري پنھنجا اثاثا ۽ پنھنجون عياشيون وڌائي رھيو آھي۔ ان ڪري ھن سوچيو ته ان جي خلاف انفرادي جدوجهد يا صرف مزاحمت ڪافي نه آھي۔ ھن نظام کي بدلائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ گھرجي۔ کيس اھو به سمجھ ۾ آيو ته ھي ڪم ڪو فرد يا ماڻھن جو گروهه نه ڪري سگھندو، پر ان لاءِ ھڪ منظم انقلابي پارٽي گھرجي، جيڪا نظرياتي ماڻھن تي مشتمل ھجي ۽ جنھن ۾ فولادي ڊسيپلين ھجي۔ تڏھن ئي انھي نظام سان وڙھي سگھجي ٿو ۽ ان کي شڪست ڏئي سگھجي ٿي۔ صرف ان طريقي سان ئي عوام دوست نظام قائم ڪري سگھجي ٿو۔

ڪامريڊ نذير پھريان صرف مزاحمتڪار ھو، ھاڻي اڳتي وڌي انھي نظام کي ڦيرائڻ ۽ ھڪ نئين نظام يعني سوشلسٽ نظام جي قيام لاءِ جدوجهد ڪندڙ انقلابي بڻجي ويو۔ اھڙي قسم جي پارٽي جيڪا اڳي ئي موجود ھئي، ڪامريڊ نذير عباسي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جو حصو بڻجي ويو۔

پارٽي ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ پارٽي کيس شاگرد محاذ يعني سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ ڪم ڏنو جيڪا بعد ۾ سندس ئي ڪوششن سان پر سندس شھادت کان پوءِ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن بڻي پر سندس صلاحيتن کي ڏسي پارٽي کيس شاگرد، مزدور، ڪسان رابطا ڪميٽي ٺاھڻ جو ٽاسڪ ڏنو، جنھن کي ھن پنھنجي محنت ۽ صلاحيتن سان منظم ڪري ڏيکاريو۔

ھو باڪردار ۽ هر قسم جي نشي ۽ خراب عادتن کان پري، اخلاق جو پتلو ھو۔ تمام سادي زندگي، نظريي ۽ پارٽي سان وفاداري جو مثالي انسان ھو۔

ڪامريڊ نذير عباسي شھيد جي زندگي مان اسان کي يا اڄ جي جين زي جنريشن کي ڪهڙمنظمو سبق حاصل ڪرڻ گھرجي؟

  1. ڪردار ۽ اخلاق جو پتلو بنجڻو پوندو
  2. زندگي ۾ کاڌي ۽ پاڻي کان سواءِ ڪا مجبوري نه ھجي۔
  3. مستقل مزاجي سان مزاحمتڪار بڻجو۔
  4. ڪميونسٽ نظريي کان سواءِ جدوجهد سان انسانيت کي ظلم، جبر ۽ استحصال کان نجات نه ٿي ملي سگھي، ان ڪري ان ھٿيار سان مسلح ٿيو۔
  5. بغير منظم ۽ انقلابي نظريي جي نظام تبديل نه ٿيندو ۽ عام انسان جي زندگي ۾ تبديلي نه ايندي.

. سماج جي مختلف مظلوم حصن کي منظم ۽ متحد ڪيون۔

You might also like