نامياري ليکڪ سائين زرار پيرزادو جو نئون تخليقي پورھيو ”سوچن ۽ روين جو ڊجيٽل الٽراسائونڊ“ پڙھي پورو ڪيم. ڪتاب هٿ ۾ ڇا آيو، ڄڻ پنهنجي ئي اندر جي گهرائين جو هڪ آئينو سامهون اچي ويو. اڄوڪي تيز رفتار ۽ مصنوعي دور ۾ انساني نفسيات، روين ۽ سماجي ٽوٽ ڦوٽ جو هڪ گهرو مطالعو آهي. ھن ڪتاب جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته هي نفسيات جهڙي ڏکي ۽ ڳوڙهي موضوع کي تمام سولي، سادي ۽ عام فهم ٻوليءَ ۾ بيان ڪري ٿو. ليکڪ جنهن مهارت سان انساني دماغ جي منجهيل تندن کي سلجهايو آهي، اهو ڪمال آهي.
هي هڪ اهڙو گائيڊ آهي جيڪو اسان جي روزمره جي زندگيءَ ۾ ويتر اڻکٽ بھتري، هاڪاري تبديلي ۽ ذهني سڪون آڻڻ جي ڀرپور سگهه رکي ٿو. ڪتاب پڙهندي ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ ڪو سڄاڻ رهبر اسان جو هٿ جهلي اسان کي پنهنجي خامين ۽ خوبين سان متعارف ڪرائي رهيو هجي.
اسان اڪثر پنهنجي اندر جي برين عادتن کان بيخبر هوندا آهيون يا انهن کي بدلائڻ چاهيندي به بدلائي ناهيون سگهندا. هي ڪتاب انهن خراب عادتن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۽ سٺين، تعميري عادتن کي پنهنجي زندگي جو حصو بنائڻ جو هڪ بهترين ڏانءُ سيکاري ٿو. اهو اسان کي رڳو هڪ فرد طور ناهي تيار ڪندو، پر سماج ۾ هڪ ذميوار، مخلص ۽ سٺو انسان بڻجڻ جو رستو پڻ ڏيکاري ٿو.اڄوڪو دور سوشل ميڊيا جو هڪ خطرناڪ، هاءِ جيڪ ۽ مصنوعي دور آهي، جتي ماڻهو پنهنجي اصل سڃاڻپ وڃائي رهيو آهي. اهڙي نفسياتي ٻوسٽ واري ماحول ۾ هن ڪتاب جو مطالعو بيحد ضروري آهي. ليکڪ لڳ ڀڳ 100 مختلف ۽ اهم موضوعن تي بيحد سليقي، نفاست ۽ دليلن سان بحث مباحثو ڪيو آهي. هر موضوع پنهنجي اندر ۾ هڪ نئون جهان رکي ٿو ۽ پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. اسان جي عملي زندگيءَ ۾ هن ڪتاب جو ڪارائتو هجڻ ڪنهن به شڪ کان مٿانهون آهي.
آئون هن ڪتاب تي هتي ڪو تفصيلي مضمون يا وڏو تبصرو ان ڪري به نٿو لکان، جو مان چاهيان ٿو ته توهان پاڻ هن شاهڪار کي هڪ ڀيرو پڙهي ڏسو. جڏهن توهان جا هٿ هن ڪتاب جي صفحن کي ڇهندا، تڏهن توهان کي اندازو ٿيندو ته هن ۾ ڪيڏو نه اثرائتو، روح کي ڇهندڙ ۽ معياري مواد موجود آهي. هي ڪتاب هر ان نوجوان کي ضرور پڙهڻ گهرجي جيڪو پنهنجي سوچن کي هڪ نئين ۽ صحيح رخ ۾ موڙڻ چاهي ٿو.