لاهور (ويب ڊيسڪ) فيول فنڊز جي عدم فراهمي سبب لاهور ۾ ميٽرو بس سروس هلائيندڙ خانگي ڪمپني 11 آگسٽ کان سمورا آپريشن اڻڄاتل مدي لاءِ معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ميٽرو بس سروس هلائيندڙ ڪمپني پنجاب ماس ٽرانزٽ اٿارٽي کي حتمي نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مالي وسيلا ختم ٿي چڪا آهن ۽ وڌيڪ ميٽرو بس آپريشن جاري رکڻ ممڪن ناهي.
ڪمپني موجب، 29 جولاءِ جي عدالتي حڪم تي اڃا تائين عملدرآمد ناهي ٿيو، جنهن سبب آپريشن معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته 6 آگسٽ تي ٿيل اجلاس ۾ مسئلو حل ڪرڻ تي اتفاق ٿيو هو، پر پنجاب ماس ٽرانزٽ اٿارٽي طرفان اڃا تائين ڪو اثرائتو انتظام ناهي ڪيو ويو.
ٻارڻ جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ اٿارٽي طرفان فيول جي مد ۾ رهتون ادا نه ٿيڻ سبب ڪمپني کي سخت مالي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
ڪمپني پنهنجي نوٽيس ۾ واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن فيول جي فراهمي ۽ رهتن وارو مسئلو حل نه ٿيو ته 11 آگسٽ کان لاهور ميٽرو بس جا سمورا آپريشن معطل ڪيا ويندا.
ڪمپني ذريعن موجب، فيول واري معاملي تي عدالت به خانگي ڪمپني جي حق ۾ فيصلو ڏئي چڪي آهي، جڏهن ته پنجاب ماس ٽرانزٽ اٿارٽي کي ان کان اڳ پڻ ڪيترائي نوٽيس موڪليا ويا آهن.
ٻئي پاسي ٽرانسپورٽ کاتي جي ترجمان ميٽرو بس سروس بند ٿيڻ وارين خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ميٽرو بس سروس بند ٿيڻ جو ڪو به معاملو ناهي.
ترجمان موجب، نجي ڪمپني سان معاملو عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، جڏهن ته عدالتي ڪيس سان گڏ ڌرين وچ ۾ ٽياڪڙي جو عمل پڻ جاري آهي.
ترجمان جو چوڻ آهي ته معاملو حل ڪرڻ لاءِ قانوني ۽ ٽياڪڙي ٻنهي رستن تي ڪم ڪيو پيو وڃي.