فردوس جمال شاهه رخ خان” سٺو اداڪار ناهي“ واري بيان تان هٿ تان ڦري ويو، کيس دليپ ڪمار جو تسلسل قرار ڏئي ڇڏيائين

ڪراچي (ويب ڊيسڪ(سينيئر اداڪار فردوس جمال بالي ووڊ جي بادشاهه شاهه رخ خان بابت پنهنجي اڳوڻي بيان تان يوٽرن وٺندي کيس سٺو اداڪار قرار ڏئي ڇڏيو.
فردوس جمال هڪ انٽرويو دوران شاهه رخ خان بابت چيو هو ته هو سپر اسٽار ته آهي، پر سٺو اداڪار نه آهي، جنهن کانپوءِ سندس بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو هو.
هاڻي هڪ تازي انٽرويو ۾ فردوس جمال چيو ته هن شاهه رخ خان بابت ڪڏهن به اهڙي ڳالهه ناهي ڪئي ۽ هو شاهه رخ خان کي سٺو اداڪار سمجهي ٿو.
هن چيو ته هو شاهه رخ خان کي دليپ ڪمار جي فني تسلسل طور ڏسي ٿو.
فردوس جمال جو چوڻ هو ته هر اداڪار جو پنهنجو مخصوص انداز ۽ فڪري پسمنظر هوندو آهي، جڏهن ته سندس واسطو دليپ ڪمار جي فني انداز سان آهي.
هن چيو ته مختلف اداڪار مختلف فنڪارن کان متاثر ٿيندا آهن، جڏهن ته هو دليپ ڪمار، محمد علي ۽ آغا طالش کان متاثر رهيو آهي ۽ شروعاتي دور ۾ سندن نقل ڪندو هو.
سينيئر اداڪار وڌيڪ چيو ته فنڪار جي شروعات ئي نقل کان ٿيندي آهي ۽ بنيادي طور انسان به نقل آهي، تنهنڪري ڪنهن فنڪار کان متاثر ٿيڻ يا ان جي نقل ڪرڻ ڪا خراب ڳالهه ناهي.
ماهرا خان بابت سوال تي فردوس جمال ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سندس مسئلو ماهرا خان ناهي، پوءِ ڇو ان کي سندس مسئلو بڻايو پيو وڃي؟ هن چيو ته ماهرا خان سندس خاندان جي ڀاتي به ناهي.

You might also like