اياز لطيف ، رياض چانڊيو کي اين سي سي آءِ اي نوٽيس، سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو سخت ردعمل، مزاحمت جو اعلان

ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) سنڌ ايڪشن ڪميٽي سنڌ جي وحدت ۽ خودمختياري خلاف ڪنهن به قدم جي مزاحمت جو اعلان ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو ۽ جيئي سنڌ محاذ جي سربراهه رياض چانڊيو کي اين سي سي آءِ اي پاران نوٽيس جاري ڪري طلب ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي.
اجلاس ۾ ٻنهي قومپرست اڳواڻن خلاف جاري ڪيل نوٽيس فوري طور واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ويو ته اهڙن قدمن سان سنڌ جي قومي آواز کي دٻائي نٿو سگهجي.
سنڌ ايڪشن ڪميٽي 22 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ عوامي احتجاج ۽ سيپٽمبر ۾ ڪراچي ۾ گرانڊ ڪانفرنس جو پڻ اعلان ڪيو آهي.
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي قائم مقام صدر روشن علي ٻرڙو جي صدارت هيٺ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سيد مسرور شاهه، نواز خان زنئور، سيد لال شاهه، مظهر راهوجو، سيد نواز شاهه ڀاڏائي، تاج مري، بخشل ٿلهو، ڊاڪٽر بدر چنا، ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري، احمد نواز انقلابي، منير نائچ ۽ نامور صحافي نعمت کهڙو سميت مختلف سياسي، سماجي ۽ قومپرست اڳواڻن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال جو جائزو وٺندي سنڌ جي وحدت ۽ خودمختياري بابت معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.
اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جي صوبن بابت بيانن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي.
جاري ڪيل پڌرائي موجب، اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ 6 ڪروڙ سنڌين جو ناقابلِ تقسيم تاريخي وطن آهي، جنهن جي وحدت ۽ خودمختياري خلاف ڪنهن به قدم جي سخت مزاحمت ڪئي ويندي.
سنڌ ايڪشن ڪميٽي مطالبو ڪيو ته 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن کي ختم، سياسي قيدين کي آزاد ۽ ملڪ ۾ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، جڏهن ته حڪومت کان استعيفيٰ جو پڻ مطالبو ڪيو ويو.
اجلاس ۾ تجويز ڪيل 28هين آئيني ترميم بابت خدشن جو اظهار ڪندي چيو ويو ته اهڙي ترميم سان سنڌ جي وحدت، ناڻي، درياهه، ساحلي پٽي، معدنيات ۽ زمينن بابت خدشا پيدا ٿي رهيا آهن، تنهنڪري ان کي فوري طور واپس ورتو وڃي.
سنڌ ايڪشن ڪميٽي سنڌ اسيمبلي کان مطالبو ڪيو ته نون صوبن بابت بحث خلاف سنڌ اسيمبلي ٻيهر هنگامي اجلاس سڏائي ٺهراءُ پاس ڪرايو وڃي.
اجلاس ۾ سنڌو درياهه تي نون ڪئنالن ۽ ڊيمن جي مبينا منصوبن جي پڻ مخالفت ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته 1991ع جي پاڻي ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي.
سنڌ ايڪشن ڪميٽي واضح ڪيو ته هو بلدياتي نظام ۽ اختيارن جي هيٺين سطح تائين منتقلي جي خلاف نه آهن، پر آرٽيڪل 140 تحت اهڙي نظام جي مخالفت ڪن ٿا، جنهن سان صوبن جي خودمختياري متاثر ٿئي.
اجلاس ۾ قومي اڳواڻن اياز لطيف پليجو ۽ رياض چانڊيو کي اين سي سي آءِ اي پاران نوٽيس جاري ڪرڻ جي پڻ مذمت ڪئي وئي ۽ نوٽيس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
سنڌ جي وحدت، غيرقانوني ڪئنالن ۽ سنڌ جي مالي خودمختياري بابت معاملن تي 22 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ عوامي احتجاج جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته سڄي سنڌ جي ڊويزنل هيڊڪوارٽرن ۾ پڻ عوامي سجاڳي مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس ۾ سيپٽمبر دوران ڪراچي ۾ گرانڊ ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو، جنهن ۾ مختلف سياسي پارٽين ۽ ٻين قومن جي قومي اڳواڻن کي دعوت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

You might also like