شڪارپور(رپورٽ: ذوالفقار مگسي) شڪارپور ڀرسان جهان واهه ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن طرفان ڳوٺ رئيس ڪرم علي چانڊيو تي چڙهائي ڪري ڌنار کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 40 کان وڌيڪ مينهون ڦر ڪيون ويون، ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن ڌنار فداحسين پٽ رجب علي چانڊيو کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد 40 کان وڌيڪ مينهون ڪاهي فرار ٿي ويا ، پوليس اطلاع باوجود واقعي واري هنڌ نه پهتي ، چانڊيا برادري جي ماڻهن نواب خان چانڊيو، رجب علي چانڊيو ،دلمراد چانڊيو سميت ٻين مقتول جو لاش جيڪب آباد – شڪارپور قومي شاهراهه تي همايون شريف ٿاڻي ڀرسان رکي احتجاج ڪندي روڊ بند ڪري ڇڏيو، ٻه ڪلاڪ روڊ بند ٿيڻ سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان مسافر گاڏيون بيهجي ويون ، ڪو به پوليس عملدار روڊ کولرائڻ لاءِ نه پهتو، مظاھرين دانهيندي چيو ته عبدالرحمان معرفاڻي ڌر جي 20 کان مٿي هٿياربندن ناحق اسان جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري 40 مينهون ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت ڪرڻ تي ڌنار نوجوان فداحسين چانڊيو کي قتل ڪرڻ بعد مينهون ڦر ڪري فرار ٿي ويا حد جي پوليس کي ڦر ۽ قتل واقعي جو اطلاع ملڻ باوجود پوليس نه پهتي جنهن بعد اسان پنهنجي مدد پاڻ مقتول جو مڙھ کڻي اچڻ بعد روڊ تي لاش رکي پوليس جي خلاف احتجاج ڪيو آھي پر پوليس جو ڪوبه عملدار اڃا تائين ناهي پهتو، هنن ايس ايس پي شڪارپور ، ڊي آئي جي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪندي چيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري کين گرفتار ڪرڻ بعد ڦر ڪيل مينهون واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي ،ٻن ڪلاڪن کان روڊ بند ٿيڻ سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان مسافر گاڏيون بيهجي ويون جنهن بعد احتجاج ڪندڙ چانڊيا برادري جي ماڻهن پنهنجي سردار نواب خان جي چوڻ تي پاڻ مرادو بند ڪيل روڊ کولي ڇڏيو ، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي جهان واھ پوليس ٻڌايو ته چانڊيا برادري ۽ معرفاڻي برادري وچ ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ آھي جنهن جي نتيجي ۾ عبدالرحمان معرفاڻي جي ڌر جي هٿياربندن حملو ڪري مينهون ڦر ڪرڻ بعد مزاحمت تي نوجوان فداحسين پٽ رجب علي چانڊيو کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن ٻئي طرف مقتول جي وارثن رجب علي چانڊيو، ڪرم علي چانڊيو چيو آھي ته اسان جو معرفاڻي، چانڊيا تڪرار سان ڪو به واسطو ناهي، معرفاڻين جو تڪرار ٻين چانڊين سان هلندڙ آهي اسان غريب آهيون اسان سان ظلم ٿيو آهي ، انصاف ڪيو وڃي.