مظفرآباد (ويب ڊيسڪ)آزاد ڪشمير جي چيف اليڪشن ڪمشنر تصديق ڪئي آهي ته راولاڪوٽ ۽ پلندري جي 7 چونڊ تڪن ۾ چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن، جڏهن ته 4 تڪن ۾ پولنگ پنهنجي مقرر شيڊيول موجب 10 آگسٽ تي ٿيندي.
چيف اليڪشن ڪمشنر موجب، ملتوي ڪيل تڪن بابت فيصلو مختلف درخواستن ۽ زميني صورتحال جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪيو ويو.
واضح رهي ته ضلعي باغ جي ٽن ۽ ضلعي حويلي جي هڪ تڪ ۾ چونڊ مقابلو خاص اهميت اختيار ڪري ويو آهي، جتي هڪ موجوده وزيراعظم ۽ ٻه اڳوڻا وزيراعظم ميدان ۾ لٿل آهن.
ٻئي پاسي ڄمون ۽ ڪشمير اليڪشن ڪميشن جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو آهي ته مختلف علائقن جي صورتحال بابت ڪميشن کي ڪيترين ئي درخواستن مليون، جنهن ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي هئي.
اليڪشن ڪميشن موجب، درخواستن ۽ لاڳاپيل ادارن کان حاصل ڪيل ڄاڻ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪجهه تڪن ۾ چونڊ عمل ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته ٻين تڪن ۾ پولنگ 10 آگسٽ تي شيڊيول موجب ڪرائي ويندي.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪميشن آزاد، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن لاءِ آئيني ۽ قانوني ذميوارين تحت قدم کڻي رهيو آهي، جڏهن ته سمورا فيصلا عوامي مفاد ۽ چونڊ عمل جي شفافيت کي نظر ۾ رکندي ڪيا پيا وڃن.
اليڪشن ڪميشن ووٽرن، اميدوارن ۽ سياسي پارٽين کي چونڊ ضابطا اخلاق جي پابندي ۽ چونڊ عمل ۾ سهڪار جي اپيل پڻ ڪئي آهي.
Prev Post
You might also like