نيپرا ملڪ ۾ بجلي مهانگي ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ملڪ ۾ بجلي 75 پئسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي آهي.
جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب بجلي جي اگهه ۾ واڌ جون مهيني جي ماهوار ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي، نوان اگهه ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي به لاڳو هوندا.
نيپرا موجب، بجلي جا نوان اگهه هلندڙ مهيني آگسٽ جي بجلي جي بلن ۾ لاڳو ڪيا ويندا.
رپورٽن موجب، سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) جون مهيني جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي هڪ رپيو 20 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.
ان کان اڳ مئي مهيني جي ايڊجسٽمينٽ تحت ملڪ ۾ بجلي 34 پئسا في يونٽ مهانگي ڪئي وئي هئي.

You might also like