راجپال يادَو قرض ادا نه ڪري سگهيو، بئنڪ ملڪيت نيلام ڪرڻ جو نوٽيس ڏئي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار راجپال يادَو پنهنجي پروڊڪشن ڪمپني طرفان قرض ادا نه ڪرڻ ۽ اوڳاڙي لاءِ سينٽرل بئنڪ آف انڊيا طرفان ڪارروائي شروع ٿيڻ کانپوءِ وڏي ڏچي ۾ پئجي ويو آهي.
بئنڪ ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ سندس اباڻي ملڪيت تي ضبطي جو نوٽيس چنبڙائي ڇڏيو آهي ۽ خبردار ڪيو آهي ته مقرر وقت اندر قرض ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ گروي رکيل ملڪيتن جي نيلامي ڪري سگهجي ٿي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، قرض وڌي 16 ڪروڙ 61 لک ڀارتي رپين تائين پهچي ويو آهي. جيڪڏهن 34 ڏينهن اندر ادائيگي نه ڪئي وئي ته بئنڪ 9 سيپٽمبر تي مقرر آن لائن نيلامي جي عمل سان اڳتي وڌندو.
هي نئين اڳڀرائي ساڳئي قرض سان لاڳاپيل چيڪ بائونس جي هڪ پراڻي ڪيس ۾ اداڪار کي قانوني جهٽڪي کانپوءِ سامهون آئي آهي.
اطلاعن موجب، نوٽيس ضلعي شاهجهانپور جي ڳوٺ ڪندرا ۾ راجپال يادَو جي اباڻي رهائشگاهه تي لڳايو ويو آهي، جڏهن ته شاهجهانپور ۾ سندس هڪ ٻي ملڪيت کي به اوڳاڙي واري ڪارروائي ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ٻنهي ملڪيتن جي گڏيل ماليت اٽڪل 3.19 ڪروڙ ڀارتي رپيا آهي، جڏهن ته بئنڪ ان کان وڌيڪ رهتن جي اوڳاڙي جو مطالبو ڪري رهيو آهي.
نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اهي ملڪيتون قرض عيوض گروي رکيل هيون ۽ جيڪڏهن رهتون ادا نه ڪيون ويون ته انهن کي اي-نيلامي ذريعي وڪرو ڪري سگهجي ٿو.
ٻئي پاسي، نوٽيس باوجود راجپال يادَو جي خاندان جو چوڻ آهي ته بئنڪ سان ڳالهيون جاري آهن.
ياد رهي ته راجپال يادَو 2005ع ۾ پنهنجي والدين جي نالي تي ”نورنگ گوداوري انٽرٽينمينٽ لميٽيڊ“ قائم ڪئي هئي ۽ هدايتڪار طور پنهنجي پهرين فلم ”اتا پتا لاپتا“ ٺاهڻ لاءِ سينٽرل بئنڪ آف انڊيا کان 5 ڪروڙ ڀارتي رپين جو قرض ورتو هو.
فلم باڪس آفيس تي ناڪام ٿي وئي، جنهن سبب اداڪار لاءِ قرض جي ادائيگي مسئلو بڻجي وئي. وقت گذرڻ سان گڏ وياج ۽ ٻين چارجز سبب بقايا رقم وڌي 16 ڪروڙ 61 لک ڀارتي رپين کان به وڌي وئي آهي.

You might also like