سنڌ ماسٽر پلان اٿارٽي ڇهن سالن کان ايڪٽ ۽ گورننگ باڊي کان سواءِ هلائڻ جو انڪشاف

ڪراچي(رپورٽر) پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي ۾ سنڌ ماسٽر پلان اٿارٽي گذريل ڇهن سالن کان ايڪٽ ۽ گورننگ باڊي جي بغير  هلائڻ جو انڪشاف سامھون آيو آھي جنھن تحت ماسٽر پلان اٿارٽي جو 2020ع ۾ قيام عمل ۾ اچڻ کان پوءِ به اڃا تائين اٿارٽي جو ايڪٽ منظور نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي گورننگ باڊي جوڙي وئي آهي ان تي پي اي سي سنڌ ماسٽر پلان اٿارٽي کان سنڌ جي سمورن ضلعن جو ماسٽر پلان طلب ڪندي هدايت ڪئي ته ٻن مهينن اندر اٿارٽي جو ايڪٽ سنڌ ڪابينا ۽ سنڌ اسيمبليءَ مان منظور ڪرايو وڃي۔ خميس ڏينهن پي اي سي جو اجلاس چيئرمين نثار احمد کھڙو جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ ڪميٽي ميمبرن طه احمد قاسم سومرو، سيڪريٽري بلديات وسيم شمشاد، سينيئر ڊائريڪٽر ماسٽر پلان اٿارٽي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي۔اجلاس ۾ سنڌ ماسٽر پلان اٿارٽي، واسا ۽ پي ڊي لوڪل گورنمينٽ حيدرآباد بابت آڊٽ پيراز جو جائزو ورتو ويو.چيئرمين پي اي سي نثار کھڙو پڇاڻو ڪيو ته سنڌ ماسٽر پلان اٿارٽي ڪڏهن قائم ڪئي وئي ۽ اها ڪهڙا ڪم ڪري رهي آهي ۽ شهري توڙي ٻهراڙي وارن علائقن لاءِ ڪهڙي ماسٽر پلاننگ ڪئي وئي آهي؟ سينيئر ڊائريڪٽر ماسٽر پلان اٿارٽي ٻڌايو ته اٿارٽي 2020ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي پر ان جو ايڪٽ اڃا تائين منظور نه ٿيو آهي تنهن ڪري اٿارٽي في الحال ٽائون پلاننگ ۽ ريگيوليشنز تحت ڪم ڪري رهي آهي.ڪميٽي ميمبر طاحا احمد سوال ڪيو ته 2020ع ۾ ڪي ايس ڊي پلان کي نوٽيفاءِ ڪيو ويو هو ۽ ڪي ڊي اي کي 2047ع تائين ماسٽر پلان تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي ڇا ان قانون تي عمل ٿي رهيو آهي؟ جنهن تي سينيئر ڊائريڪٽر ٻڌايو ته 2020ع واري ڪي ايس ڊي پي تي عملدرآمد نه ٿي رهيو آهي. چيئرمين پي اي سي نثار کھڙو چيو ته ماسٽر پلان اٿارٽي کي شهرن ۽ ٻهراڙي وارن علائقن لاء ڪھڙو ماسٽر پلان جوڙيو آھي ۽ اٿارٽي ڪھڙو ڪم ڪري ٿي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سنڌ جي هر شهر جو سروي ڪيو وڃي ۽ جيڪي شهري يا ٻهراڙي وارا علائقا سٽي سروي ۾ شامل ناهن انهن کي سٽي سروي به شامل ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي فائدو ملي سگهي.عملدارن ٻڌايو ته سنڌ ماسٽر پلان اٿارٽي هن وقت سنڌ جي 14 ضلعن ۾ ڪم ڪري رهي آهي.اجلاس دوران مڪاني سيڪريٽري ٻڌايو ته اٿارٽي جي گورننگ باڊي ايڪٽ جي منظوري کان پوءِ قائم ڪئي ويندي جنھن تي تي پي اي سي سنڌ جي سڀني ضلعن جو ماسٽر پلان طلب ڪندي هدايت ڪئي ته ٻن مهينن اندر سنڌ ماسٽر پلان اٿارٽي جو ايڪٽ سنڌ ڪابينا ۽ سنڌ اسيمبليءَ مان منظور ڪرايو وڃي.اجلاس ۾ چيئرمين پي اي سي نثار کھڙو حيدرآباد جي حيدر چوڪ تي سيوريج جو پاڻي بيهڻ واري معاملي تي واسا جي سي اي او تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇيو ته ڇا توهان ڊان اخبار ۾ حيدر چوڪ تي بيٺل گندي پاڻي جي تصوير ڏٺي آهي؟ ۽ ڇا واسا اهو پاڻي نيڪال ڪيو آهي؟ واسا جو سي اي او ان معاملي کان بي خبر نڪتو جنهن تي چيئرمين سخت ناراضگي ظاهر ڪندي کيس هدايت ڪئي ته حيدر چوڪ تان فوري طور تي سيوريج جو پاڻي ڪڍيو وڃي ۽ اداري جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي وڃي.اجلاس ۾ چيئرمين پي اي سي نثار کھڙو ٿرپارڪر ۾ پي ڊي لوڪل گورنمينٽ حيدرآباد پاران 841 ملين رپين جا مختلف ٺيڪا بغير معاهدي جي ڏيڻ واري معاملي تي به نوٽيس وٺندي انهن ٺيڪن جي انسپيڪشن ڪرائڻ جي هدايت جاري ڪئي.

You might also like