سون اگهه چوٽ چڙهي ويا، في تولو 11 هزار 300 رپيا مهانگو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ في تولو سون جي قيمت نئين بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 11 هزار 300 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 49 هزار 236 رپين جو ٿي ويو.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 9 هزار 688 رپيا واڌ سان 3 لک 85 هزار 147 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 113 ڊالر مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 هزار 268 ڊالر جو ٿي ويو آهي.

You might also like