سينيئر خليجي اختيارين موجب، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جمعي ڏينهن معاهدو ٿيڻ جا امڪان اڃا به پنجاهه سيڪڙو آهن.
ذريعن سي اين اين کي ٻڌايو ته ايراني وفد ۾ پاسدارانِ انقلاب جي نمائندگي شامل ناهي، جڏهن ته عبوري معاهدي جي آخري منظوري ڏيڻ جو اختيار به پاسدارانِ انقلاب وٽ آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڳ دعويٰ ڪئي هئي ته آمريڪي ۽ ايراني اختيارين وچ ۾ ڳالهيون سٺي نموني هلي رهيون آهن، پر هن خبردار پڻ ڪيو هو ته جيڪڏهن ايران هن ڀيري به معاهدي تان پوئتي هٽيو ته آمريڪا سخت ڪارروائي ڪندو. ٽرمپ اهو به اشارو ڏنو هو ته آبناءِ هرمز بابت معاهدو جلد طئي ٿي سگهي ٿو.
ٻئي پاسي ايران لڳاتار ان ڳالهه جي ترديد ڪري رهيو آهي ته هو واشنگٽن سان سڌيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. ايران جو چوڻ آهي ته هو رڳو عمان سان آبناءِ هرمز ۾ جهازراني جي معاملن بابت ڳالهائي رهيو آهي. تجزيه نگارن موجب، ايران ۽ عمان وچ ۾ جاري ڳالهيون ئي مستقبل ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جي راهه هموار ڪري سگهن ٿيون.