ايران ڳالهين جي عمل دوران فلسطيني اڳواڻن طرفان ڪيل هر فيصلي جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي.
ايراني صدر مسعود پزشڪيان حماس جي سياسي بيورو جي سربراهه سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چيو ته ايران فلسطيني قيادت جي هر قدم ۽ هر فيصلي جي حمايت ڪندو.
واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل هفتي دعويٰ ڪئي هئي ته حماس، مصر، قطر ۽ ترڪي جي ٽياڪڙن سان ٿيندڙ ڳالهين کانپوءِ هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي راضي ٿي وئي آهي.
ٻئي پاسي اسرائيل جو چوڻ آهي ته حماس مڪمل طور غير هٿياربند ٿيڻ تائين غزه مان فوجون نه ڪڍيون وينديون، جڏهن ته حماس جو موقف آهي ته اسرائيلي فوج جي واپسي کانسواءِ هٿيار نه ڇڏيا ويندا. اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو پڻ ٽرمپ جي غزه منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي.