اسٽيبلشمينٽ ننڍن انتظامي يونٽن واري ڳالهه تان پٺتي هٽڻ لاءِ تيار ناهي؟

اسلام آباد( منيب فاروق)محسن نقوي جي جڏهن کان اها تقرير ٿي آهي، ان کان پوءِ خاموشي آهي. پر ڇا اها خاموشي ڪنهن ڏاڍي وڏي طوفان جي اڳڪٿي   آهي؟ طاقتور ڌرين پاران  صوبن واري ڳالهه ٿي آهي، ان تان پوئتي ڪو به ناهي هٽڻ وارو.اها ڊيمانڊ ايندي رهندي ۽ ان مٿان زور  رهندو ته حڪمراني بهتر ڪريو،، ماڻهن کي سهولتون ڏيو، بلدياتي نظام آڻيو،  جڏهن ته  ، 2030ع تائين ته معاملات ائين ئي هلندا رهندا،. سينئر صحافي  محمد مالڪ صاحب آهي، خبر آهي ته اسٽيبلشمينٽ به سوچي ٿي ته پنجاب جي اندر ڏاڍو شاهڻو خرچ آهي، يا سنڌ اندروڌيڪ شاهاڻو خرچ هي،وفاق ڪنگال لڳو پيو آهي، هزارين اربن جي قرضن ۾ ٻڏل آهي، صوبائي حڪومتن جون ته موجون لڳيون پيون آهن، انهن وٽ ته پئسو ئي ڏاڍو آهي! اهي ڏسو جي خرچ ڪيئن ڪن ٿا، اسٽيبلشمينٽ جو خيال اهي ته  صوبن جي پئسن کي ڪنٽرول ڪن، ڇو جو هي ملڪ ائين نٿو هلي سگهي جڏهن ته اڳ ۾ به مرحليوار 26 ۽ 27 هين ترميم آئي هئي، هاڻي 28 هين ترميم جون تياريون آهن، ن ليگ وارن کي به خبر آهي ته محسن نقوي فيلڊ مارشل کانسواءِ ڪنهن کي به جوابده ناهي،تڏهن ته نون ليگ جي اڳواڻن کي  نواز شريف منع ڪري ڇڏي آهي ته: ” توهان محسن نقوي صجي ڳالهه جو جواب نه ڏيو، هن وقت وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي وچ ۾ ڪو تڪرار ناهي! فواد چوڌري به چئي ڇڏيو آهي ته پي ٽي آءِ هميشه ننڍن یونٽن جي ڳالهه ڪندي رهي آهي. بدقسمتيءَ سان هڪ وفاقي اڳواڻ يا جماعت نئين صوبن جي حامي آهي ته ان کي توهان جيل ۾ وڌو آهيٻئي پاسي اينڪر ڪامران شاهد به اها خبر ڏني هئي ته حڪومت وڃڻ جو تاثر درست ناهي جيڪي رياستي ادارا  ) آهن اهي به اهو چئي رهيا آهن ته بلڪل گڏ هلڻو آهي، بهتر حڪمراني هجي، سڀ ڪجھه هجي. بار بار اها ئي ڳالهه آهي.باقي رهي ڳالهه بلاول جي ڌمڪين جي،ان سان ڪجهه نه ٿيندوهن ڪشمير اليڪشن ۾ اسٽيبلشمينٽ کي به ڌمڪي ڏني پر رات پيٽ ۾ ئي يوٽرن وٺي ڇڏيو هو، ۽چيو ته اسان جي فوج، اسان جا انهن جا جوان اسان جي ريڊ لائين آهن تازو  بلاول ڀٽو چيو ته "ٽڪ ٽڪ سلسلو شروع ٿي ويو آهي!” يعني ڪائونٽ ڊائون شروع ٿي ويو آهي. پر ڏسڻو اهي پوندو ته صدر زرداري ڇا ٿو چاهي؟ صوبن واري ڳالهه سياسي جماعتن کي سٺي نه لڳندي، پر ان مان ڪو به پوئتي نه هٽندو. پوئتي ڪو به نه هٽندو.

You might also like