سنڌ حڪومت جو اي وي ٽيڪسي سروس ۽ 50 ڊبل ڊيڪر بسون آڻڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت سيپٽمبر مهيني ۾ اي وي (اليڪٽرڪ) ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ ۽ آڪٽوبر ۾ 50 نيون ڊبل ڊيڪر بسون آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي.
اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي جي يونيورسٽي روڊ تي مڪسڊ ٽريفڪ لين جو هڪ حصو سيپٽمبر ۾ ٽريفڪ لاءِ کوليو ويندو.
سنڌ حڪومت هلندڙ سال جي آخر کان مرحليوار هڪ هزار اي وي (اليڪٽرڪ) بسون به پبلڪ ٽرانسپورٽ نظام ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته لاڙڪاڻي کان قمبر ۽ قمبر کان شهدادڪوٽ تائين پيپلز بس سروس جا نوان روٽس پڻ شروع ڪيا ويندا.
شرجيل ميمڻ هدايت ڪئي ته ريڊ لائين بي آر ٽي جي سمورن ڊپوئن جي اڏاوت مقرر وقت اندر مڪمل ڪئي وڃي، جڏهن ته لاڙڪاڻي، قمبر ۽ شهدادڪوٽ جي نون روٽن کي جلد فعال بڻايو وڃي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت جي اي وي ٽيڪسي سروس جي باظابطا شروعات سيپٽمبر ۾ ڪئي ويندي، جڏهن ته مرحليوار وڌيڪ هڪ هزار اليڪٽرڪ بسون به پبلڪ ٽرانسپورٽ جو حصو بڻايون وينديون.
شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته 50 نيون ڊبل ڊيڪر بسون آڪٽوبر ۾ ڪراچي پهچي وينديون، جنهن سان شهرين کي جديد ۽ معياري سفري سهولتون فراهم ٿينديون.
هن چيو ته يونيورسٽي روڊ تي نئين ٽريفڪ لين سان ٽريفڪ جي رواني ۾ نمايان بهتري ايندي، جڏهن ته سنڌ حڪومت شهرين کي جديد، محفوظ ۽ ماحول دوست پبلڪ ٽرانسپورٽ فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

You might also like