صنعا/رياض (ويب ڊيسڪ) يمن جي ايراني حمايت يافته حوثي گروپ سعودي عرب جي نجران ايئرپورٽ تي ڊرون حملي جي دعويٰ ڪئي آهي.
يمني حوثي تحريڪ جي فوجي ترجمان يحييٰ سريع چيو آهي ته ڊرون ذريعي سعودي عرب ۾ قائم نجران ايئرپورٽ تي هڪ حساس هدف کي نشانو بڻايو ويو.
ترجمان موجب، ڏکڻ سعودي عرب ۾ موجود ايئرپورٽ کي ان ڪري نشانو بڻايو ويو، ڇو ته اتان کان يمن جي حجه ۽ صعده وارن علائقن ڏانهن ڊرون ذريعي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي هئي.
ٻئي پاسي سعودي اختيارين طرفان اڃا تائين حوثين جي ان دعويٰ تي ڪو به ردعمل سامهون ناهي آيو.
واضح رهي ته ان کان اڳ حوثين سعودي عرب خلاف بحري ناڪابندي جو اعلان ڪيو هو ۽ سعودي ٽينڪرن کي به نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، جنهن سبب ڳاڙهي سمنڊ ۾ جهازراني جي چر پر متاثر ٿي هئي.
Prev Post
You might also like