ڪراچي جي سامونڊي ڪنارن تي خطرا! ڪلفٽن يا هاڪس بي وڃڻ کان اڳ هي خبر ضرور پڙهو

ڪراچي(ع آ ڊاٽ پي ڪي)وسڪاري جي موسم دوران ڪراچي جي سامونڊي ڪنارن تي زهريليون بلو بوٽلز ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ماهرن شهرين کي سمنڊ ۾ لهڻ ۽ انهن کي هٿ لڳائڻ کان سخت احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

تازن مينهن جي موسم سبب ڪراچي جي مختلف سامونڊي ڪنارن تي وڏي انگ ۾ زهريليون بلو بوٽلز ڏسڻ ۾ اچي رهيون آهن، جنهن کانپوءِ ماهرن شهرين لاءِ الرٽ جاري ڪيو آهي. شهر جي مشهور سامونڊي تفريحي هنڌن ڪلفٽن، سينڊ اسپٽ ۽ هاڪس بي جي ڪنارن تي اهي سامونڊي جاندار وڏي تعداد ۾ موجود آهن، جيڪي سامونڊي لهرن سان گڏ ڪناري تي پهچي ويا آهن.

طبي ۽ سامونڊي ماهرن سامونڊي ڪنارن تي گهمڻ ايندڙ شهرين ۽ سياحن کي سختي سان صلاح ڏني آهي ته اهي بلو بوٽلز کي هرگز هٿ نه لڳائين. ماهرن وضاحت ڪئي آهي ته بلو بوٽلز عام جيلي فش نه آهن، پر ڪيترن ئي انتهائي زهريلن سامونڊي جاندارن جو گڏيل مجموعو آهن.

ماهرن موجب انهن جاندارن جو ڊنگ انسان لاءِ شديد تڪليف، ساڙ ۽ سور جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

جيڪڏهن ڪنهن شهري کي بلو بوٽل ڊنگ هڻي، ته متاثر ٿيل حصي ۾ سخت ساڙ، سوج ۽ تيز درد ٿي سگهي ٿو.

ماهرن شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته سمنڊ ۾ لهڻ کان اڳ پنهنجي چوڌاري چڱيءَ طرح جائزو وٺن ۽ ڪنهن به امڪاني خطري کان بچڻ لاءِ احتياطي اپاءَ اختيار ڪن، جيئن تفريح دوران ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچي سگهجي.

You might also like