اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان ملڪ جي هاڻوڪي صورتحال تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ قومي ڊائلاگ شروع ڪرڻ ۽ سمورين سياسي پارٽين جي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
حافظ نعيم الرحمان چيو ته هاڻوڪي نظام هلائيندڙ پاڻ پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪري چڪا آهن.
هن سڀني ڌرين تي زور ڏنو ته هو وڏي دل جو مظاهرو ڪندي قومي ڊائلاگ جي شروعات ڪن ۽ اهو عزم ڪن ته مستقبل ۾ عوام جي راءِ تي ڪنهن به قسم جو ڌاڙو نه هنيو ويندو.
هن تجويز ڏني ته ترميمن ذريعي يرغمال بڻايل عدليه کي آزاد ڪيو وڃي، ججن جون مقرريون ميرٽ جي بنياد تي ڪيون وڃن ۽ ملڪ ۾ چونڊون متناسب نمائندگي جي بنياد تي ڪرايون وڃن، جيئن موروثي سياسي نظام جو خاتمو ممڪن بڻجي سگهي.
حافظ نعيم الرحمان وڌيڪ چيو ته بلدياتي ادارن کي بااختيار بڻايو وڃي، انهن جون چونڊون وقت تي ڪرايون وڃن ۽ آئين ۾ بلدياتي حڪومتن لاءِ الڳ ۽ واضح باب شامل ڪيو وڃي.
هن بلوچستان، خيبر پختونخوا ۽ آزاد ڪشمير جي مسئلن جي حل لاءِ وڏو جرڳو يا قومي ڪميشن قائم ڪرڻ ۽ پاڪ-ايران گيس پائيپ لائين منصوبي تي فوري ڪم شروع ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو.
سندس چوڻ هو ته صنعت ۽ زراعت جي ترقي لاءِ بجلي، گيس ۽ پيٽروليم شين جون قيمتون گهٽايون وڃن ۽ ڪيپيسٽي پيمنٽ جي مد ۾ عوام تي وڌو ويو بار ختم ڪيو وڃي.
حافظ نعيم الرحمان چيو ته جاگيرداري نظام جو خاتمو ڪري ڪارپوريٽ فارمنگ بدران ڪوآپريٽو فارمنگ کي هٿي ڏني وڃي ۽ ملڪ جا سمورا ادارا آئين جي مقرر ڪيل حدن اندر رهي پنهنجون ذميواريون نڀائين.