ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته صوبن جي ورهاست کي غداري چوڻ وارو ئي سڀ کان وڏو غدار آهي.
پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ملڪ جي تاريخ جي فيصلائتي مرحلي تي آزادي جو ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جنهن ”نسخي ڪيميا“ جي ڳالهه ايم ڪيو ايم ڪيترن سالن کان ڪندي رهي آهي، هاڻي آگسٽ اچڻ کان اڳ ئي هرڪو ان تي ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
خالد مقبول صديقي چيو ته اسلام آباد ۾ واپارين جي نمائندن به ايم ڪيو ايم جي پيش ڪيل خيال جي حمايت ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته هاڻوڪي صوبائي حدبنديون ون يونٽ کان اڳ ئي تبديل ٿي چڪيون هيون ۽ پاڪستان ۾ صوبن جون سرحدون ڪا مقدس حدون ناهن.
هن چيو ته ڌرتي ماءُ پاڪستان آهي ۽ چارئي صوبا ان جو حصو آهن، جڏهن ته ناقابلِ تقسيم رڳو پاڪستان آهي. ملڪ جي سرحدن تي سوال اٿارڻ غداري آهي.
ايم ڪيو ايم چيئرمين چيو ته پارٽي قومي اسيمبلي ۾ آباديءَ جي بنياد تي انتظامي يونٽ قائم ڪرڻ بابت بل پيش ڪري چڪي آهي، جيڪو هن وقت اسٽينڊنگ ڪاميٽي وٽ موجود آهي. سندس چوڻ هو ته صوبا ملڪ جي انتظامي ضرورت آهن.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي استحڪام ۽ سرحدن جا محافظ به سمجهن ٿا ته هاڻي نون انتظامي يونٽن جو وقت اچي ويو آهي. پاڪستان جا مسئلا هاڻي معمولي قدمن سان حل نه ٿيندا، ڇو ته ڪرپشن سماج کي ڪينسر وانگر وڪوڙي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي مڪمل سڌارن جي ضرورت آهي.
خالد مقبول صديقي چيو ته پاڪستان عالمِ اسلام لاءِ هڪ ماڊل ملڪ آهي، پر ان کي منڊي بڻائيندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته مقامي حڪومتن کانسواءِ جمهوريت اڌوري هوندي آهي.
هن سڄي ملڪ کي آئيني ترميم ۽ نون صوبن بابت گڏجي اڳتي وڌڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته ايم ڪيو ايم آزادي جو ڏهاڙو يونين ڪائونسل سطح تائين ملهائيندي، جڏهن ته سيمينار، مشاعرا ۽ ريليون پڻ منعقد ڪيون وينديون.