اتر وزيرستان(ويب ڊيسڪ)سيڪيورٽي فورسز ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي آپريشن ڪندي پنج دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ميجر حافظ احسان الاهي شهيد ٿي ويو.
شعبي موجب ميجر حافظ احسان الاهي پنهنجي دستي جي اڳواڻي ڪندي بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ وڏي مقدار ۾ گولا بارود هٿ ڪيو ويو. بيان موجب اهي دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد بيگناهه شهرين جي قتل جي واقعن ۾ پڻ ملوث هئا.
شعبي موجب علائقي ۾ موجود ٻين امڪاني دهشتگردن جي ڳولا ۽ خاتمي لاءِ سرچ ۽ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
آءِ ايس پي آر موجب عزمِ استحڪام جي ويزن تحت دهشتگردي خلاف بنا ڪنهن امتياز جي ڪارروايون جاري رهنديون.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بهادر جوانن جون اهڙيون قربانيون ملڪ جي تحفظ ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي اٽل عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.