ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) سنڌ جي صدر نثار کوهڙو چيو آهي ته ملڪ ۾ هڪ خطرناڪ سازش ڪئي پئي وڃي. جيڪڏهن 22 صوبا ٺاهيا ويندا ته ڇا پوءِ 22 وڏا وزير به گهرجن؟ هن چيو ته جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو پاڪستان جي جمهوري فضا کي خراب ڪرڻ جي سازش آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کوهڙو چيو ته نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ لاڳاپيل صوبي جي اسيمبلي ۾ ٻه ٽهائي اڪثريت ضروري هوندي آهي. هن چيو ته ”ڪاڪروچ نڪري آيا آهن، اهي اڳ به نڪرندا رهيا آهن ۽ اسان سندن مخالفت ڪندا رهنداسين“.
هن چيو ته پاڪستان ۾ سازشن جي هڪ ڊگهي تاريخ رهي آهي ۽ غلط پاليسين سبب هڪ ڀيرو ملڪ به ٽٽي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته طاقتور قوتن ملڪ کي سخت نقصان پهچايو، جڏهن ته وفاقي گهرو وزير پاڻ چوي ٿو ته نظام ناڪارا ٿي چڪو آهي، پر هو هائبرڊ نظام ۾ پاڻ کي سٺو محسوس ڪري رهيو آهي.
پي پي پي اڳواڻ چيو ته ماضي ۾ ڪيترن ئي وزيراعظمن کي پنهنجو آئيني مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو، چونڊيل وزيراعظم جي حڪومت ختم ڪري کيس ڦاهي ڏني وئي، جمهوريت جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪارڪنن کي ڪوڙا هنيا ويا ۽ سياسي پارٽين جي حڪومتن کي سندن آئيني مدي تائين ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويو.
نثار کوهڙو وڌيڪ ٻڌايو ته ڪراچي جي واپاري سعيد پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ باقاعده شموليت اختيار ڪري ورتي آهي.