هائبرڊ نظام جو ڊراپ سين! نظام اندر ئي اندر کوکلو، ڇا رڳو ”ري سيٽ“ سان عمارت بچندي؟

لاهور (امداد سومرو)پاڪستان ۾ گهڻي عرصي کان اهو احساس شدت اختيار ڪري ويو آهي ته چهرا تبديل ٿين ٿا، حڪومتون اچن وڃن ٿيون، پر ملڪ جا بنيادي مسئلا پنهنجي جاءِ تي برقرار آهن. معاشي بدحالي، سياسي بي استحڪامي ۽ عوامي بي وسي جهڙا مسئلا اڃا تائين حل نه ٿي سگهيا آهن.

گذريل ڏينهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي پاڪستان اڪنامڪ سمٽ ۾ ڪيل تقرير هن جمود کي ٽوڙيندي نئين بحث کي جنم ڏنو. اهڙي وقت، جڏهن رياستي ادارن وچ ۾ هم آهنگي جون دعوائون ڪيون پئي ويون، تڏهن ساڳئي نظام اندران ان جي ناڪامي جو اعتراف سامهون اچڻ ان ڳالهه جي نشاني سمجهيو پيو وڃي ته بحران هاڻي ايترو گهرو ٿي چڪو آهي، جو ان کي وڌيڪ لڪائڻ ممڪن ناهي رهيو.

محسن نقوي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان جو هاڻوڪو سياسي ۽ انتظامي ڍانچو پنهنجي افاديت وڃائي چڪو آهي ۽ ان کي فوري طور نئين سر ترتيب ڏيڻ جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اڄ هن نظام کي ”ري سيٽ“ نه ڪيو ويو ته ايندڙ ڪيترن ئي سالن جي محنت باوجود به ڪا واضح بهتري ممڪن نه ٿيندي. هڪ بااختيار وفاقي وزير جو اهڙو بيان طاقت جي مرڪزن ۾ موجود بيچيني جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪا هاڻي کلي سامهون اچي رهي آهي.

ٻئي پاسي بچاءَ واري وزير خواجه آصف هن نظام کي ”هائبرڊ سسٽم“ قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جو حڪومتي ڍانچو نه مڪمل جمهوريت آهي ۽ نه ئي مڪمل آمريت، پر ٻنهي جو اهڙو ميلاپ آهي، جيڪو هاڻي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام ٿي رهيو آهي.

رپورٽ موجب جڏهن هي نظام ڪامياب نظر ايندو هو ته هر ڌر ان جو ڪريڊٽ وٺڻ لاءِ تيار هوندي هئي، پر هاڻوڪي حالتن ۾ ان جي ناڪامي جي ذميواري کڻڻ لاءِ ڪو به تيار ناهي. اهڙي صورتحال نظام اندر موجود طاقت جي ٻن مرڪزن، ذميواري کان پاسو ڪرڻ ۽ عوامي مسئلن کان لاتعلقي کي وڌيڪ نمايان ڪري ڇڏيو آهي.

محسن نقوي جي تقرير ۾ نون انتظامي يونٽن يا صوبن جي قيام واري تجويز به نئين بحث کي جنم ڏنو آهي. ظاهري طور ان کي بهتر حڪمراني لاءِ ضروري قرار ڏنو پيو وڃي، پر سياسي حلقا ان کي مختلف صوبن وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ جو تسلسل سمجهي رهيا آهن.

مبصرن جو خيال آهي ته ”انتظامي يونٽ“ حقيقت ۾ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ يا صوبائي خودمختياري کي محدود ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ هڪ اشارتي اصطلاح آهي. سندن موجب هي بحث نظام جي اصل ناڪامين تان عوام جو ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي، ڇو ته جڏهن بنياد ئي اندران کوکلا ٿي چڪا هجن ته نئين ورهاست سان عمارت مضبوط نٿي بڻجي سگهي.

سياسي محاذ تي به اندروني اختلاف کلي سامهون اچي رهيا آهن. وفاقي ڪابينا اندر ٿيندڙ تنقيد ۽ بيان ظاهر ڪن ٿا ته حڪومتي صفن ۾ هم آهنگي جي کوٽ آهي. خواجه آصف ۽ عليم خان وچ ۾ لفظي جهيڙو به انهيءَ اندروني ڇڪتاڻ جو عڪس قرار ڏنو پيو وڃي، جنهن سبب حڪومت جي ساک متاثر ٿي رهي آهي. جڏهن حڪومتي نمائندا هڪ ٻئي تي الزام هڻن ۽ هڪ ٻئي جي ڪارڪردگي تي سوال اٿارين ته عوام جي مثبت تبديلي بابت اميدون وڌيڪ ڪمزور ٿي وڃن ٿيون.

گڏيل طور ڏٺو وڃي ته پاڪستان جو هاڻوڪو سياسي ڍانچو اهڙي مرحلي تي پهچي ويو آهي، جتي ان جا بنياد ڪمزور نظر اچي رهيا آهن. هائبرڊ نظام جا سڀئي ڪردار هاڻي ان جي ناڪامي جو اعتراف ڪندي نظر اچن ٿا، جڏهن ته عوام ان ناڪامي جو بار پنهنجي معيشت ۽ روزمرهه جي زندگي ۾ برداشت ڪري رهيو آهي.

هاڻي بنيادي سوال اهو آهي ته جيڪڏهن هاڻوڪي نظام کي ناڪام تسليم ڪيو پيو وڃي ته ڇا ساڳيا پراڻا ڪردار رڳو هڪ ”ري سيٽ“ ذريعي ان جا بنياد مضبوط ڪري سگهندا، يا پوءِ سڄي عمارت ئي ڊهڻ جي ڪناري تي پهچي چڪي آهي؟

You might also like