پيٽرول اگهن ۾ عوام کي حيران ڪندڙ گهٽتائي، نوٽيفڪيشن جاري

حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ معمولي گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پيٽروليم ڊويزن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي اگهه ۾ 66 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ نئون اگهه 392 رپيا 38 پئسا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي.

اهڙيءَ ريت پيٽرول جي اگهه ۾ 12 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 336 رپيا 3 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم شين جا اهي نوان اگهه پهرين کان 3 آگسٽ تائين لاڳو رهندا.

واضح رهي ته حڪومت خطي ۾ پيدا ٿيل غيريقيني صورتحال کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم شين جا اگهه روزاني بنياد تي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ياد رهي ته 31 جولاءِ لاءِ ڊيزل جي اگهه ۾ 2 رپيا 42 پئسا في ليٽر ۽ پيٽرول جي اگهه ۾ 1 رپيو 9 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي هئي.

You might also like