پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ ۾ اتحاد؟ بلاول تحريڪ انصاف ڏانهن سهڪاري هٿ وڌائي ڇڏيو

اسلام آباد (عمران شفقت(پاڪستان جي سياست هن وقت انتهائي حساس ۽ فيصلائتي مرحلي مان گذري رهي آهي، جتي غيريقيني صورتحال، افواهن ۽ ”سسٽم ويهي وڃڻ“ جهڙن بيانن حڪومتي حلقن ۾ ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي آهي.

سياسي منظرنامي ۾ وڌندڙ بيچيني ۽ پردي پٺيان جاري سرگرمين مان اشارا ملي رهيا آهن ته ملڪ ڪنهن وڏي سياسي تبديلي جي ڏاڪي تي بيٺو آهي.

اهڙي صورتحال ۾ اهو سوال وڌيڪ اهم بڻجي ويو آهي ته ڇا پراڻيون سياسي دشمنيُون ختم ٿيڻ واريون آهن ۽ ڇا اقتدار لاءِ هڪ ٻئي سان مقابلو ڪندڙ سياسي قوتون هاڻي مفاهمت ڏانهن وڌي رهيون آهن.

آزاد ڪشمير ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي تازي تقرير کي رڳو روايتي سياسي خطاب نه، پر هڪ سوچيل سمجهيل سياسي قدم طور ڏٺو پيو وڃي.

بدلجندڙ سياسي ماحول کي نظر ۾ رکندي بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان تحريڪ انصاف جي سنجيده اڳواڻن ڏانهن سهڪار جو هٿ وڌايو، جنهن کي هڪ غيرمعمولي سياسي اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.

سندس بيان مان اهو تاثر ملي ٿو ته هو ايندڙ حالتن کي نظر ۾ رکندي نئين سياسي حڪمت عملي جوڙي رهيو آهي. هن اشارو ڏنو ته جيڪڏهن نظام کي مستحڪم رکڻو آهي ته سڀني سياسي قوتن کي اختلافن کان مٿانهون ٿي گڏيل سڌارن ڏانهن وڌڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته بائيڪاٽ جي سياست هاڻي مسئلن جو حل ناهي.

ٻئي پاسي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو اهو بيان ته ”سسٽم ڪوليپس ڪري چڪو آهي“ سياسي ماحول کي وڌيڪ گرمائي ڇڏيو آهي.

ان بيان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حامين عمران خان جي آزادي کي سڀني مسئلن جو واحد حل قرار ڏيڻ شروع ڪيو، پر صورتحال جو گهرو جائزو وٺڻ سان معاملو ان کان گهڻو وڌيڪ منجهيل نظر اچي ٿو.

رپورٽ موجب عمران خان جي اسٽيبلشمينٽ سان سڌي ٽڪراءَ ۽ ڪجهه سياسي فيصلن سبب اها سياسي گنجائش محدود ٿي وئي، جيڪا وڏي محنت سان پيدا ڪئي وئي هئي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو نه رڳو هڪ پارٽي، پر گڏيل طور سڄي سول سياسي قيادت کي نقصان پهتو، جتي سنجيدگي ۽ تدبر جي جاءِ جذباتي سياست والاري ورتي.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ ترقياتي منصوبا هاڻي عوامي ڀلائي کان وڌيڪ سياسي مفادن جي تناظر ۾ ڏٺا پيا وڃن. وفاقي حڪومت پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ 20 ارب رپين جي ترقياتي پيڪيج جو اعلان ۽ ٽينڊرن جو جاري ٿيڻ هڪ طرف، جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران مختلف منصوبا ايف ڊبليو او حوالي ڪرڻ ٻئي طرف، ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته ترقياتي ڪم به سياسي حڪمت عملي جو حصو بڻجي ويا آهن.

رپورٽ موجب ڪراچي، سکر موٽروي جهڙي اهم منصوبي جي لاڳت 166 ارب رپين مان وڌي 366 ارب رپين تائين پهچي وئي آهي، جنهن وفاق ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ اختلافن کي وڌيڪ نمايان ڪري ڇڏيو آهي. اقتصادي لحاظ کان اهم هن منصوبي ۾ دير ۽ تڪرارن سبب حڪومتي ڪارڪردگي بابت به سوال اٿاري رهيا آهن.

You might also like