زرداري جي ٻئي پُٽ کي هاڻي خبر پئي آ ته هي نظام نٿو هلي سگهي: راڻا ثناءُ الله

وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صدر آصف علي زرداري جي ٻئي فرزند ڪالهه چيو هو ته موجوده نظام ختم ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي اڳتي هلڻ جي قابل ناهي.

هن گهرو وزير محسن نقوي کي مخاطب ڪندي چيو ته، "توهان انهيءَ ئي نظام ۾ ساڍن ٽن سالن اندر 30 سالن جو سفر طئي ڪيو. توهان ڪٿان نڪتا هئا ۽ اڄ ڪٿي پهچي ويا آهيو. هاڻي توهان کي ياد آيو آهي ته هي نظام خراب آهي ۽ هلي نٿو سگهي؟”

راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته موجوده پارلياماني نظام پاڪستان کي قائداعظم محمد علي جناح ڏنو هو، تنهن ڪري ان کي ناڪام قرار ڏيڻ مناسب ناهي.

You might also like