شاهه حسن ٻيٽ ۽ ايجوڪيشن سٽي مان ڌرتي ڌڻين کي ڪڍيو پيو وڃي

ملير(ڊ ر) سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس پاران ملير ۽ شاھ حسن ٻيٽ تي زمينن تي قبضن خلاف احتجاجي تحريڪ جو اعلان، ايس پي ايس سي ۾ مبينا ڪرپشن خلاف شاگردن جي جدوجهد جي حمايت ڪئي آهي. سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس (SIRA) جي مرڪزي ڪابينا ۽ ڪراچي ڊويزن ڪابينا جو گڏيل اجلاس مرڪزي صدر خدا ڏني شاھ جي صدارت هيٺ مراد جعفر ڳوٺ، ڪراچي ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ مرڪزي نائب صدر خالق جوڻيجو، جنرل سيڪريٽري حفيظ بلوچ، خزانچي عمران ڪلمتي، ميڊيا سيڪريٽري سارنگ جويو، آفيس سيڪريٽري معين مگسي، جڏهن تہ ڪراچي چيپٽر جي نائب صدر ڪاظم مهيسر، جنرل سيڪريٽري جمال ناصر، خزانچي سلميٰ جوڻيجو ۽ ميڊيا سيڪريٽري حسيب پنهوَر سميت ٻين ذميوارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ جي زميني، ماحولياتي، سماجي ۽ انساني حقن بابت اهم معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ اڳواڻن چيو تہ ملير ۾ ايڊيوڪيشن سٽي جي نالي تي لڳ ڀڳ 10 هزار کان 20 هزار ايڪڙ زمين تي قبضي جي عمل سبب 98 ڳوٺن جي مقامي آبادين کي پنهنجن ابن ڏاڏن جي زمينن تان بي دخل ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن، جيڪي بنيادي انساني حقن ۽ مقامي ماڻهن جي معاشي، سماجي ۽ ثقافتي وجود خلاف قدم آهن. شاھ حسن ٻيٽ تي ترقياتي منصوبن جي نالي ۾ زمينن تي قبضا، هزارين مقامي ماهيگيرن جي روزگار کي متاثر ڪرڻ، ڳوٺن جي ممڪن بي دخلي ۽ تمر جي قدرتي ٻيلن جي واڍي انتهائي ڳڻتي جوڳا معاملا آهن. سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس اهڙن قدمن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو تہ مقامي آبادين جي رضامندي کانسواءِ ڪنهن بہ قسم جي منصوبي يا زمين جي والار کي فوري طور روڪيو وڃي. اجلاس ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (SPSC) ۾ مبينا ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ ۽ شفاف ڀرتين لاءِ سنڌ جي شاگردن پاران هلندڙ جمهوري جدوجهد جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو ويو. اڳواڻن چيو تہ نوجوانن کي ميرٽ جي بنياد تي روزگار جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ رياست جي آئيني ۽ اخلاقي ذميواري آهي، تنهن ڪري شاگردن جا جائز مطالبا ترت مڃيا وڃن. ملير جي 98 ڳوٺن کي خالي ڪرائڻ، ايڊيوڪيشن سٽي ۽ شاھ حسن ٻيٽ تي زمينن تي قبضن، مقامي آبادين جي بي دخلي، ماهيگيرن جي روزگار جي تباهي ۽ تمر جي ٻيلن جي واڍي خلاف جلد هڪ جامع لائحه عمل جو اعلان ڪندي پرامن احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي ۽ ان سان گڏ ملير ايڊيوڪيشن سٽي خلاف سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس جي ليگل ٽيم پاران ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن پڻ داخل ڪئي وئي آھي. سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس جي وڇڙي ويل سينيئر ساٿي حمزه پنهوَر کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ 22 آگسٽ 2026ع تي شام 4:00 وڳي رزاق آباد، ملير ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي ويندي.

You might also like