حيدرآباد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (ايس پي ايس سي) جي نئين سيڪريٽريٽ ڪمپليڪس جي سامهون، جيڪو لڳ ڀڳ 2.493 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ڪيو ويو آهي ۽ جنهن کي جديديت جي علامت طور پيش ڪيو ويو، اتي گڏيل مقابلي واري امتحان (سي سي اي-2024) جا ڏَڌيل اميدوار ڇهين ڏينهن به ڌرڻو هڻي ويٺا آهن. انھن اميدوارن جي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي ۽ سنڌ اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي شروع ٿيل هن احتجاج کي وڪيلن، سول سوسائٽي، ساڃاھ وندن، قومپرست اڳواڻن ۽ مختلف سياسي شخصيتن جي به حمايت حاصل ٿي آهي. اسٽريٽ ٿييٽر، ٽيبلوئن ۽ لڳاتار موجودگي ذريعي اهي نوجوان ان ئي شيءِ جو مطالبو ڪري رهيا آهن، جيڪا هن جديد عمارت جو ڪارج ھئڻ گهرجي ها: هڪ اهڙو نوڪرين لاءِ چونڊ وارو نظام، جيڪو واقعي ميرٽ، شفافيت ۽ اعتماد تي ٻڌل هجي.هڪ پاسي هي جديد ڪمپليڪس آهي، جنهن ۾ ڪمپيوٽر تي ٻڌل امتحاني ليبارٽريون، ڊجيٽل لائبريري ۽ جديد سهولتون موجود آهن. ٻئي پاسي اهو ڀرتي وارو عمل آهي، جنهن سبب اهي نوجوان روڊن تي ويهڻ تي مجبور ٿيا آهن، ۽ جنهن بابت ساڳيا پراڻا سوال اڄ به موجود آهن: ڇا چونڊ جو عمل واقعي منصفاڻو ۽ شفاف آهي؟
هي مسئلو ڪو نئون ناهي. ايس پي ايس سي جي تاريخ تي نظر وجهجي ته گڏيل مقابلي واري امتحان 2003–04 کان پوءِ به سنگين بيقاعدگيون سامهون آيون. 2013ع ۾ سپريم ڪورٽ طريقيڪار جي ڀڃڪڙين سبب سڄي امتحاني عمل کي ڪالعدم قرار ڏنو. 2024ع ۾ سينيئر اسڪول ٽيچر جي امتحان جو پيپر ليڪ ٿيڻ بعد اهو امتحان منسوخ ڪرڻو پيو، جڏهن ته سي سي اي-2023 دوران آخري مرحلن تي ڪيل تبديلين به ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو. هاڻي سي سي اي-2024 هن بحران جي سڀ کان نمايان صورت بڻجي سامهون آيو آهي. 6 مئي 2026ع تي ڪميشن اعلان ڪيو ته لکت واري امتحان ۾ ويهندڙ 4,340 اميدوارن مان صرف 70 اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا، يعني ڪاميابي رڳو 1.6 سيڪڙو رهي. درخواستگذار اميدوارن سنڌ هاءِ ڪورٽ کي ٻڌايو ته هنن اسڪريننگ ٽيسٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري هئي، پر پوءِ کين ڪمزور ۽ غيرمعقول سببن تي ناڪام قرار ڏنو ويو، جڏهن ته ٻين کي غير لاڳاپيل بنيادن تي اڳتي وڌايو ويو. عدالت نتيجا معطل ڪري ڇڏيا، سمورو رڪارڊ سيل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ وڌيڪ ڪارروائي روڪي ڇڏي. قانوني جنگ اڃا جاري آهي. جولاءِ جي آخر ۾ ٻيهر ڌرڻو هڻندڙ اهي نوجوان آهن، جن لاءِ عدالتي ڪارروائي اڃا تائين ڪو حتمي حل آڻي نه سگهي آهي.
جڏهن انٽرويو ئي قسمت جو فيصلو بڻجي وڃي:
لکت وارا امتحان ڀلي هڪجهڙن معيارن تحت ۽ بغير نالي جي چڪاس ٿين، پر هڪ وڌيڪ بنيادي مسئلو اڃا به موجود آهي. لکت واري امتحان ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جا نمبر گهڻو ڪري هڪ محدود دائري اندر هوندا آهن، پر انٽرويو، جنهن جا ڪل 200 نمبر آهن، ان ۾ نمبرن جو فرق انتهائي غيرمعمولي نظر اچي ٿو. ڪي اميدوار 50 کان به گهٽ مارڪون کڻن ٿا، جڏهن ته ڪجهه 198 مارڪون کڻن ٿا. ڪنهن به سنجيده چونڊ واري عمل ۾ انٽرويو ۾ نانوي سيڪڙو مارڪون کڻڻ انتهائي غيرمعمولي ۽ حيران ڪندڙ هوندو آهي. مختلف رڪارڊن مان ظاهر ٿيو آهي ته اهڙا اميدوار، جن جي لکت واري ڪارڪردگي رواجي يا اُن کان به گهٽ هئي، انهن کي انٽرويو ۾ غيرمعمولي طور تمام گھڻيون مارڪون ڏنيون ويون ، جڏهن ته بهترين لکت وارو نتيجو ڏيندڙ اميدوار گهٽ مارڪون کڻي چٽاڀيٽي مان ئي نڪري ويا. سمجھڻ گھرجي تہ انٽرويو ۾ ڏنل وڌيڪ مارڪون لکت واري امتحان ۾ قائم ٿيل سموري درجابندي کي ئي بدلائي سگھي ٿيون ۽ بدلائي ڇڏيو. اهڙو لاڙو وري وري آڏو اچي ته پوءِ انٽرويو سڄي چونڊ جو فيصلائتو ۽ گهڻي حد تائين غير شفاف مرحلو بڻجي ويندو آهي.
انهيءَ خدشي کي ايس پي ايس سي جي هڪ اڳوڻي ٽيڪنيڪل ميمبر جي مشاهدي مان به سمجهي سگهجي ٿو، جيڪو هڪ ڀيري انٽرويو بورڊ جو حصو رهيو هو. هو ٻڌائي ٿو: مون ڄاڻي واڻي نوجوان گريجوئيٽ انجنيئرن کان انتهائي فني ۽ ڏکيا سوال پڇيا. انهن مان ڪجهه اميدوارن اهڙي اعتماد ۽ درستگي سان جواب ڏنا، جو مان بيحد متاثر ٿيس ۽ کين وڌ ۾ وڌ نمبر ڏنم. پر ڪجهه عرصي کان پوءِ، جڏهن آئون انهن ئي مقررين واري اداري ۾ ويس، ته منهنجي حيرت جي حد نه رهي. جن نوجوان انجنيئرن کي مون سڀ کان وڌيڪ نمبر ڏنا هئا، انهن مان هڪ به چونڊجي نه سگهيو هو!
هي يقيناً هڪ شخصي مشاهدو آهي، پر اهو هڪ بنيادي سوال ضرور اٿاري ٿو. جيڪڏهن لاڳاپيل شعبي جي ٽيڪنيڪل ماهر جي راءِ به آخري نتيجي ۾ نمايان نظر نه اچي، ته پوءِ اميدوارن جي ذهن ۾ اهو سوال پيدا ٿيڻ فطري آهي ته آخر فيصلائتو معيار ڪهڙو هو؟ اهي مشاهدا پاڻمرادو ڪنهن بيقاعدگي يا بدنيتي جو ثبوت ناهن، پر اهي ضرور سمجهائين ٿا ته عام اميدوار ۽ سندن خاندان هن عمل تي آساني سان اعتماد ڇو نٿا ڪري سگهن. وڌندڙ واڪَ ۽ مائٽن طرفان پئسا گڏ ڪرڻ جي ڊوڙڊڪ آخر ڇا ٻڌائي ٿي!
اعتماد جي کوٽ جي قيمت:
ميرٽ تي ٻڌل چونڊ رڳو هڪ نظرياتي ڳالهه ناهي، پر سٺي حڪمراني جي بنيادي ضرورت آهي. دنيا جي مختلف تحقيقن مان ثابت ٿيو آهي ته ڪمزور ڀرتي وارو نظام ادارن جي ڪارڪردگي گهٽائي ٿو، ڪرپشن وڌائي ٿو ۽ عوامي خدمتن کي ڪمزور ڪري ٿو. سنڌ ۾ به ان جا اثر چٽا نظر اچن ٿا. ڪيترائي اسڪول اڄ به مستقل هيڊ ماسترن کان سواءِ عارضي انتظام هيٺ هلي رهيا آهن، جڏهن ته ڪيترائي سرڪاري صحت جا ادارا اهڙي حالت ۾ آهن، جو وڏي انگ ۾ ماڻهو مالي تڪليف باوجود خانگي علاج کي ترجيح ڏين ٿا.
اسان جي سماج ۾ جنهن کي عام ٻوليءَ ۾ سفارش چيو وڃي ٿو، حقيقت ۾ اهو بااثر طبقن جي ادارن تي قبضي جي هڪ صورت آهي. خانداني لاڳاپا، سياسي وابستگيون، زمينداري اثر ۽ مالي وسيلن تائين رسائي اهڙو سماجي سرمايو بڻجي وڃن ٿا، جيڪو سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ جا موقعا متاثر ڪري ٿو. ميرٽ تي ڀرتي ٿيل سي ايس ايس افسرشاھي پڻ ان سسٽم کي چيلينج نه ٿي ڪري۔ جن نوجوانن وٽ اهڙو سرمايو موجود ناهي، انهن لاءِ برابري جي موقعن بابت صرف شڪ به مايوسي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندو آهي.
اهڙي صورتحال ۾ نوجوان مختلف رستا اختيار ڪن ٿا. ڪجهه ملڪ ڇڏي هليا وڃن ٿا. 2023ع دوران ست لک کان وڌيڪ پاڪستاني ملڪ کان ٻاهر ويا، جن مان ڪيترائي اعليٰ تعليم يافته ۽ ماهر هئا. ڪجهه نوجوان نه تعليم ۾ هوندا آهن، نه روزگار ۾، ۽ نه ئي ڪنهن فني تربيت جو حصو بڻجي سگهندا آهن، جنهن صورتحال کي عالمي اصطلاح ۾ نيٽ (NEET) چيو وڃي ٿو. ٽيون رستو اڄ اسان کي حيدرآباد جي ٿڌي سڙڪ ۽ ايس پي ايس سي آفيس جي ٻاهران نظر اچي رهيو آهي. اهو منظم، پرامن ۽ مسلسل احتجاج آهي. هي ڌرڻو رڳو هڪ امتحان جي نتيجي خلاف احتجاج ناهي، پر اهو مطالبو آهي ته قانون ۾ لکيل ميرٽ ۽ برابري کي عملي شڪل ڏني وڃي.
اعتماد ڪيئن بحال ٿي سگهي ٿو؟
عدالتون مختلف فيصلن ۾ ورجائي هدايتون ڏئي چڪيون آهن ته گريڊ 16 ۽ ان کان مٿي وارين نوڪرين جي انٽرويوز جي آڊيو ۽ وڊيو رڪارڊنگ ڪئي وڃي. پر انهن حڪمن تي مڪمل ۽ مستقل عمل اڃا تائين نه ٿي سگهيو آهي. جيڪڏهن واقعي عوامي اعتماد بحال ڪرڻو آهي ته پوءِ انٽرويوز جي لازمي آڊيو ۽ وڊيو رڪارڊنگ ڪري انهن جو محفوظ رڪارڊ رکڻ، لکت ۽ انٽرويو ٻنهي جا نمبر بروقت عوام آڏو جاري ڪرڻ، انٽرويو بورڊن ۾ وڌيڪ آزاد ۽ فني ماهرن کي شامل ڪرڻ، نمبرن جي ورڇ ۽ ڪاميابي جي شرح جو باقاعده شمارياتي جائزو وٺڻ، ڀرتين جو واضح ۽ اڳواٽ اعلان ڪيل شيڊيول جاري ڪرڻ، ۽ جڏهن نتيجا انتهائي غيرمعمولي يا تڪراري هجن، جيئن سي سي اي-2024 ۾ ٿيو، ته اهڙي صورتحال ۾ هڪ آزاد ٽئين ڌر کان شفاف جائزو وٺڻ ضروري آهي. اهڙا قدم ئي ادارن تي عوامي اعتماد ٻيهر بحال ڪري سگهن ٿا.
ايس پي ايس سي جو نئون سيڪريٽريٽ ڪمپليڪس يقيناً عوامي وسيلن سان ڪيل هڪ وڏو سرمايوڪاري وارو منصوبو آهي. پر ان جي اصل اهميت عمارت جي خوبصورتي يا جديد سهولتن ۾ نه، پر ان ڳالهه ۾ هوندي ته ڇا ان جي اندر هلندڙ عمل عوام جو اعتماد حاصل ڪري سگهن ٿا يا نه.
جولاءِ 2026ع ۾ هن عمارت جي ٻاهران ويٺل نوجوان جديديت جا مخالف ناهن. هو رڳو اهو چاهين ٿا ته جديديت رڳو شيشي، ڪنڪريٽ ۽ ڪمپيوٽرن تائين محدود نه رهي، پر ان سان گڏ اهڙي شفافيت ۽ انصاف به هجي، جنهن کي هر ماڻهو پنهنجي اکين سان ڏسي ۽ پرکي سگهي. ميرٽ ئي هڪ قابل، مؤثر ۽ مضبوط رياست جو سڀ کان مضبوط بنياد آهي. جيڪڏهن اهو بنياد ڪمزور پئجي وڃي ته نوجوان آبادي ملڪ جي طاقت بڻجڻ بدران ادارن جي ڪمزوري جو سبب بڻجي وڃي ٿي.ايس پي ايس سي جي ٻاهران ويٺل نوجوانن پنهنجو فيصلو واضح ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي سوال رڳو اهو آهي ته ڇا نظام انهن کي هڪ شفاف، منصفاڻو ۽ قابلِ اعتماد عمل سان جواب ڏيندو، يا وري وڌيڪ اونداهين، خاموشي ۽ بي اعتمادي سان؟