پاسداران انقلاب جي دعويٰ اردن جي الازرق بيس تي 3 آمريڪي ايف-35 جهاز تباهه

تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته اردن جي الازرق فوجي بيس تي بيلسٽڪ ميزائل حملن دوران آمريڪا جا 3 ايف-35 جنگي جهاز تباهه ڪيا ويا.

ايراني خبرون ڏيندڙ اداري موجب پاسداران انقلاب جي ايرو اسپيس فورس چيو آهي ته ايران تي ٿيل حملن جي جواب ۾ الازرق بيس کي بيلسٽڪ ميزائلن سان نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ آمريڪا جا ٽي ايف-35 جهاز تباهه ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي آمريڪي فوجي آفيسر ۽ اهلڪار پڻ مارجي ويا.

پاسداران انقلاب جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ ٻارن جي قتل عام ڪندڙ فوج لاءِ ڪا به جاءِ ناهي، آخري آمريڪي قابض جي نڪرڻ تائين سندن جدوجهد جاري رهندي.

You might also like