تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي نيم سرڪاري اداري فارس نيوز ايجنسي موجب پاسداران انقلاب جي لاڳاپن واري شعبي چيو آهي ته ”الله تعاليٰ جي مدد سان اڄ جارح کي سزا ڏني ويندي“.
اهو بيان آمريڪا طرفان ايران تي ڪيل حملن کانپوءِ جاري ڪيو ويو.
رپورٽن موجب حملن دوران قشم، ڪيش، بندر عباس، آبادان ۽ بوشهر ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا.