ڪراچي(رپورٽر) مهانگائي خلاف کدڙا فقير به وڏي انگ ۾ روڊن تي نڪري آيا، دهل وڄائي احتجاج، جهمريون هنيون ويون، پيٽرول بم ڪيرائڻ بند ڪيو جا اڀ ڏاريندڙا نعرا هنيا ويا، ڪراچي پريس ڪلب اڳيان جينڊر انٽر ايڪٽو الائنس جي اڳواڻن شھزادي راءِ، بنديا راني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي مھانگائي ۽ پيٽروليم شين جي اگھن ۾ واڌ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تھ ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پيٽرول مھانگو پاڪستان ۾ وڪرو ٿي رھيو آھي، ماڻھو مري رھيا آھن پر حڪمرانن جون عياشيون ختم ناھن ٿي رھيون، جيڪڏھن مرد يا عورتون احتجاج ڪن ٿا تھ انھن کي ھي گوليون ٿا ھڻن تڏھن اسان کدڙا فقير ميدان تي نڪتا آھيون، ھنن وڌيڪ چيو تھ وڌندڙ مھانگئاي جي ڪري خواجھ سرا برادري جي زندگي سخت متاثر ٿي رھي آھي، روزگار جا موقعا گھٽ، خوراڪ، رھائش ۽ ٻيا خرچ پورا ڪرڻ ڏکيو بڻجي ويو آھي، پيٽروليم شين جي اگھن ۾ واڌ انھن تڪليفن کي اڃان بھ وڌائي ڇڏيو آھي،کدڙن فقيرن چيو ته جيڪڏهن حڪومت پيٽرول سستو نه ڪيو ته گورنر هائوس آڏو ڌرڻو هڻنداسين، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شهزادي رائي چيو ته روزگار جا موقعا گهٽ آهن، کدڙن فقيرن کي نوڪريون نٿيون ڏنيون وڃن، ماڻهو سوال ڪن ٿا ته اسان جا ڪهڙا خرچ آهن، رڳو ميڪ اپ ناهي، ڪو کدڙو فقير پروگرام تي وڃي ٿو ته ان جي لاءِ واپسي جو ڪرايو به ناهي هوندو، وفاقي حڪومت توڙي صوبائي حڪومتون ناڪام ٿي ويون آهن، ڪشمير جي متاثر عوام سان به ٻڌي جو اظهار ڪيون ٿا، صورتحال خراب آهي، ملڪ جي حالتن کي حڪومت ڪنٽرول نه پئي ڪري سگهي، کدڙن فقيرن احتجاج دوران مطالبو ڪندي چيو ته حڪمرانن کي ڪهڙي بک آهي، روزانو پيٽرول وڌائن پيا، اسان جي مسئلن کي سنجيدگي سان ڏٺو وڃي ۽ انھن جي حل لاءِ فوري عملي قدم کنيا وڃن، مھانگائي گھٽائڻ لاءِ فوري اپاءَ ورتا وڃن ۽ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جو تعين عوام دوست پاليسي ٺاھي وڃي، اڄ جي احتجاج جي ڳالهه هنن نه ٻڌي ته پوءِ وڏا احتجاج ٿيندا ۽ گورنر هائوس آڏو به ڌرڻو هڻنداسين، اسان ڏنڊن ۽ سوٽن کان ڊڄڻ وارا ناهيون، هڪ کدڙي فقير چيو ته حڪمرانن کي ننڊ مان جاڳائڻ لاءِ ماڻهو ته روڊن تي نه نڪرندا ، رڳو فيس بڪ تي حوال ڪندا، اڄ اسان ان ڪري احتجاج ڪري رهيا آهيون، جڏھن تھ احتجاج جي آخر ۾ کدڙا فقير مھانگائي خلاف دھل تي ڳائيندا وڄائيندا ۽ نعريبازي ڪندا رھيا.