سنڌياڻي تحريڪ اڳواڻ جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ عورتن تي پوليس تشدد خلاف دادو ۾ احتجاج

دادو (پ ر) سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سنڌو ملاح ۽ عوامي تحريڪ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ماهه نور ملاح جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ عورتن تي تشدد خلاف عوامي تحريڪ طرفان عوامي تحريڪ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ماهه نور ملاح، مرڪزي ليگل ايڊوائيزر ايڊووڪيٽ نجيب الرحمن مهيسر، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري بختاور ملاح، ايڊووڪيٽ غلام شبیر کوسو، عاطف ملاح، فاطما سنڌو ۽ حميد انقلابي جي  اڳواڻي ۾ ايس پي چوڪ دادو کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ صدام خاصخيلي ۽ ايس ايڇ ڪي اين شاهه اعجاز مسڻ جي حڪمن تي ڪي اين شاهه ۽ دادو جي پوليس طرفان سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري بختاور ملاح، عوامي تحريڪ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ماھ نور ملاح جي گهر تي پوليس چڙهائي ڪئي، پوليس طرفان بنا ليڊيز پوليس جي اي ايس آئي منير ڀرڳڙي جي اڳواڻي ۾ پوليس اهلڪارن ۽ خانگي هٿياربندن کي ساڻ ڪري گهر ۾ چڙهائي ڪئي ۽ عورتن ۽ ٻارڙن کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ذهني تشدد ڪيو. پوليس اهلڪارن عورتن سان گار گند ڪئي. پيپلزپارٽي سنڌ کي پوليس اسٽيٽ بڻائي ڇڏيو آهي. پوليس هر روز بنا جواز غيرقانوني طور تي گهرن ۾ گهڙي چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪري پئي. ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ صدام خاصخيلي ۽ ايس ايڇ او ڪي اين شاهه اعجاز مسڻ جي حڪمن تي پوليس طرفان ڪاروائي غيرقانوني ۽ غير آئيني آهي.  هنن چيو ته رات جو تقريبن 2 وڳي هڪ پوليس موبائيل، هڪ موٽر سائيڪل ۽ هڪ خانگي ڪار ۾ ڪي اين شاهه ۽ دادو پوليس جا 4 کان 5 اهلڪار پوليس وردي ۾، جڏهن ته 4 کان 5 ڄڻا بنا وردي جي، ڌڻي بخش جتوئي، اسد عرف جاني ۽ غلام علي جتوئي سان گڏجي هٿيارن سان ساڻ ٿي اسان جي گهر ۾ زبردستي داخل ٿيا. پوليس اهلڪارن چيو ته "ايس ايس پي دادو ڪيپٽين رٽائرڊ صدام خاصخيلي جو حڪم آهي، اڄ توهان جي گهر جا سمورا مرد ۽ مايون کڻي وينداسين. اسان جو خاندان هڪ پڙهيل لکيل ۽ باعزت خاندان آهي. اسان جي والد پنهنجي پٽن سان گڏ ڌيئرن کي به تعليم ڏياري. اسان جي گهر تي اڳ ڪڏهن به پوليس چڙهائي نه ٿي آهي ۽ نه ئي اسان مان ڪنهن جو ڪو به ڪرمنل رڪارڊ موجود آهي. پوليس اهلڪارن ۽ ساڻن گڏ آيل خانگي هٿياربندن عورتن سان بدتميزي ۽ تشدد ڪيو، سندن موبائل فون ڦر ڪيا، معصوم ٻارڙن کي ٿڦون هنيون، گاريون ڏنيون  اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڀاءُ ۽ سندس سالي جي وچ ۾ ذاتي ناراضگي موجود آهي، پر ان ناراضگي کي جواز بڻائي پوليس کي ڪنهن به گهر تي چڙهائي ڪري ٻار کڻي وڃڻ يا گهر ڀاتين سان بدسلوڪي ڪرڻ جو اختيار حاصل ناهي. عورتن تي تشدد ڪرڻ جو حڪم ڪندڙ ايس ايس پي دادو ڪيپٽين رٽائرڊ صدام خاصخيلي ۽ گهر تي چڙهائي ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like